ملڪ ۾ سياسي انقلاب جي ضرورت آهي، پنجاب جو عوام حڪمرانن خلاف رستن تي اچي: اپوزيشن اتحاد

ملڪ ۾ سياسي انقلاب جي ضرورت آهي، پنجاب جو عوام حڪمرانن خلاف رستن تي اچي: اپوزيشن اتحاد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان چيو آهي ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ساڻس گڏ وزيرن ۽ ميمبرن سان پنجاب پوليس غيرانساني سلوڪ ڪيو،انهن کان انتهائي ڪريل ۽ تذليل آميز سوال پڇيا ويا، جن جو مقصد انهن کي هيٺانهون ڏيکارڻ آهي. لبرٽي چوڪ ۾ پوليس حملو ڪيو. اهي حربا اسان جو ته ڪجھه به بگاڙي ناهن سگهيا پر انهن جي خوف ۽ وائڙائپ کي چڱي طرح ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هن رويي جو پنجاب جي غريب محنتي عوام سان ڪو تعلق ناهي. عوام 8 فيبروري 2024 تي خاموش انقلاب برپا ڪيو، پر زور ۽ زر جي بنياد تي موجوده حڪمرانن کي عوام تي مڙهيو ويو. اسان پنجاب جي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته ملڪ تي قابض غلام ذهنيت ۽ سامراجي ايجنٽن جي هن ناجائز ٽولي خلاف ٻاهر نڪرن. عوام ٻاهر نڪري پاڪستان ۾ سياسي انقلاب جو رستو هموار ڪري سگهي ٿي.