ملڪ ۾ سياسي نظام ناهي ڄڻ ته مشڪري لڳي پئي آهي: لياقت جتوئي

ملڪ ۾ سياسي نظام ناهي ڄڻ ته مشڪري لڳي پئي آهي: لياقت جتوئي

پيارو اسٽيشن(ن پ ا) پيارو اسٽيشن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي ڌڻي بخش ملاح ڳوٺ صاحب خان لهٻر ۾ پهچي منٺار علي لهٻر سان ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پهچي سندن وارثن سان عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عاشق زنئور، رئيس شاهنواز چانڊيو، عابد ملاح، سڄڻ چانڊيو، امان الله لهٻر، اعجاز پنهور، نبي بخش ملاح، مختيار سميجو ۽ ٻيا پارٽي ورڪر ساڻ هئا. لياقت علي جتوئي چيو ته ملڪ اندر صاف شفاف اليڪشن جو نظام ناهي اسان اليڪشن ۾ پولنگون اڪثريت سان کٽون ٿا ته ٻئي ڏينهن تي نتيجا مٽجي وڃن ۽ کٽيل اميدوار هارايل لسٽ ۾ ڏياريا وڃن ٿا ملڪ ۾ موجوده سياسي ماحول ڄڻ مشڪري لڳي پئي آھي. اسان جي ضلعي دادو اندر سياست جو ماحول عوامي خدمتن بجاءِ رڳو مڻ مڻ جا پٽڪا ٻڌڻ تي وڃي پهتو آھي. تڪ جا چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي رڳو پنهنجي مشهوري ڪرڻ ۾ پورا آھن. عوام ويچارو اهوئي سورن ۾ آھي ڪوبه ترقياتي ڪم عوامي بهبود وڀلائي خاطر اهي ذميواري جو مظاهرو نه پيا ڪن.  هن وڌيڪ ٻڌايو ته انشاءِالله اسين پراميد آھيون، سياست جو ميدان خالي نه ڇڏبو مڙس ماڻھون ٿي وري زور شور سان پارٽي جي حڪمن تحت ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺبو .