ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، صدر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ اتفاق بعد سُپريم ڪورٽ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
نومبر 4, 2023
ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، صدر ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ اتفاق بعد سُپريم ڪورٽ آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون يقيني بڻائي، سموريون گهرجون پوريون ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن شيڊول جو اعلان ڪري، چونڊن جو معاملو سمورين ڌُرين جي راضپي سان حل ٿي چڪو، اُميد ڪريون ٿا هر ادارو پختگي ۽ سمجهه سان هلندو، عدالت ۾ اٽارني جنرل صدر جي صحيح سان چونڊن جي تاريخ واري ڪاپي پيش ڪئي، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو جيڪڏهن سڀ خوش آهن ته اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي، چونڊن جو معاملو صدر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ حل ٿيڻو هو، جيڪو غيرضروري طور سُپريم ڪورٽ ۾ آندو ويو، جيڪڏهن صدر کي مشورو گهربل هو ته آرٽيڪل 187 تحت سُپريم ڪورٽ اچي پئي سگهيو، سُپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن يا صدر جهڙن آئيني ادارن جي اختيار ۾ مداخلت ناهي ڪئي، رڳو سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، صدر ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي اختيارِي دائرَي ۾ رهن، اعليٰ آئيني عهدو هجڻ طور صدر جي ذميواري گهڻي ٿئي ٿي