ملڪ ۾ غذائي کوٽ بابت شماريات جي اداري جي سروي رپورٽ

پاڪستان جي شماريات واري اداري پنجن سالن کان پوءِ گهريلو معاشي يونٽن تي ٻڌل 25-2024ع جو سروي جاري ڪيو آهي، جنهن موجب پاڪستان ۾ 2018 جي ڀيٽ ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ گهرن جو انگ وڌي ويو آهي۔ سروي مطابق بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ غذائي کوٽ آهي، ٻئي نمبر تي سنڌ، ان کان پوءِ پنجاب ۽ سڀ کان آخر ۾ خيبرپختونخوا اچي ٿو۔ سروي مطابق ملڪ جي ٽن ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ گهرن مان لڳ ڀڳ 90 لک گهر خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن۔ 2018 ۾ اها شرح لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو هئي، يعني 2018 جي ڀيٽ ۾ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ گهرن ۾ ڇهه سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (PBS) جي تازي سروي هڪ ڀيرو ٻيهر رياست جي حڪمرانن جي نااهلي، غلط پاليسين ۽ عوام سان لاتعلقيءَ واري سوچ کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. غذائي کوٽ ڪا اوچتو نازل ٿيل مصيبت آهي. اها حڪمرانن جي ڏهاڪن تي ڦهليل نااهلي، بدانتظامي، ڪرپشن ۽ عوام دشمن پاليسين جو سڌو نتيجو آهي. زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود پاڪستان ۾ جيڪڏهن ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ محتاج ٿي وڃن، ته پوءِ اهو رياست جي مڪمل ناڪامي جو کليل ثبوت آهي. سنڌ، جيڪا زراعت جي حوالي سان ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي سڏي وڃي ٿي، اڄ کاڌي جي کوٽ ۾ ٻئي نمبر تي هجڻ هڪ الميو آهي. پاڻي جي کوٽ، ناڪاره زرعي پاليسيون، زميندارن ۽ واپارين جي ملي ڀڳت، ۽ حڪومتي غفلت سنڌ کي بک جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. مٿان وري موجوده حڪمرانن آءِ ايم ايف جي هر انگل تي “آمنا صدقنا” چئي عوام کي پيڙي ان حد تائين پهچايو آهي، جنهن حالت جي عڪاسي ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي هيءَ سٽَ ڪري ٿي ته، “رتي رت نه سنجري ….”. زندگيءَ جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي ٿي ويئي آهي. خودڪشين جا واقعا وڌي رهيا آهن. مسلسل مهانگائي وڌائي ماڻهن جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪيا ويا آهن. مهانگائي اصل ۽ اهم مسئلو آهي، جنهن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ روز سياست جي پراڊڪشن هائوس مان نوان نوان ناٽڪ رليز ڪيا پيا وڃن ته جيئن عوام انهن ‘نان اشوز’ ۾ ئي الجهيل رهي. مهانگائي آهي، جيڪا مسلسل راڪيٽ رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي. غذائي اسمن تائين عوام جي رسائي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي.

کاڌي جي کوٽ جو سڀ کان خطرناڪ اثر سماج جي ڍانچي تي پوي ٿو. جڏهن پيٽ خالي هجي ٿو ته اخلاقي قدر، سماجي هم آهنگي ۽ انساني لاڳاپا ٽُٽي پون ٿا. بک ڏوهه کي جنم ڏئي ٿي، تشدد کي وڌائي ٿي، ٻارن کي اسڪولن بدران مزدوري ڏانهن ڌڪي ٿي ۽ عورتن کي وڌيڪ غير محفوظ بڻائي ٿي. هڪ بکيو سماج بيمار سماج هوندو آهي، جيڪو نه ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي امن قائم رکي سگهي ٿو. حڪمران هر سال بجيٽ ۾ وڏي رقم ڏيکاري عوام کي سُنهري خواب ڏيکارين ٿا، پر انهن پاليسين جو زميني حقيقتن سان ڪو به واسطو ناهي. سبسڊي رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهي، راشن اسڪيمون ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، ۽ امدادي پروگرام سياسي وفادارين جي بنياد تي ورهايا وڃن ٿا. غريب ماڻهو قطارن ۾ بيهي رسوا ٿين ٿا، جڏهن ته حڪمرانن جا گهر ڀريل آهن.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي سروي حڪمرانن لاءِ هڪ چتاءُ هجڻ گهرجي، پر افسوس جو انهن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي چري. اقتدار جي جنگ، ذاتي مفادن ۽ سياسي بيان بازيءَ ۾ اهي ايترو ته گم آهن جو عوام جي بک کين نظر ئي نٿي اچي. سنڌ ۾ کاڌي جي کوٽ رڳو انتظامي ناڪامي نه، پر هڪ منظم بي حسيءَ جو نتيجو آهي. جيستائين حڪمران پنهنجي پاليسين، ترجيحن ۽ روين ۾ بنيادي تبديلي نٿا آڻين، تيستائين غذائي کوٽ جو هي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو. بک رڳو پيٽ جو مسئلو ناهي، اهو سماج جي بقا جو سوال آهي. جيڪڏهن هن سوال کي هاڻي به نظرانداز ڪيو ويو، ته اهو هڪ وڏو الميو هوندو.