ملڪ ۾ لا ڪاليجن ۽ وڪيلن جي حالت انتهائي خراب آهي: آئيني عدالت

  ملڪ ۾ لا ڪاليجن ۽ وڪيلن جي حالت انتهائي خراب آهي: آئيني عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت لا ڪاليجن جي خراب حالت بابت ڌرين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وفاقي آئيني عدالت پاڪستان جي لا ڪاليجن ۽ وڪيلن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڌرين کان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت پاڪستان بار ڪونسل، صوبائي بار ڪونسلن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي ٻن هفتن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ لا ڪاليجن ۽ وڪيلن جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ ڪجهه وڪيلن کي بنيادي قانون جو به علم ناهي، تنهن باوجود انهن کي لائسنس ملي چڪا آهن. جسٽس روزي خان چيو ته بلوچستان ۾ شاگرد لا ڪلاس نٿا وٺن ۽ اتي هڪ هڪ ڪمري تي مشتمل ڪاليج هلن ٿا، جتي ڊگريون وڪرو ٿي رهيون آهن. پاڪستان بار ڪونسل جي نمائندي موقف اختيار ڪيو ته هو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وڪيل انيق کٽانه چيو ته 2020 کان پوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن، البته هن ڪيس سبب ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن قائم ٿيو، وڪيلن جي تربيت شروع ٿي ۽ لا گريجوئيشن ٽيسٽ لاءِ 50 سيڪڙو معيار مقرر ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به اڃا بهتري جي گنجائش موجود آهي. عدالت رپورٽ جمع ٿيڻ تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.