| ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان: عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 1.01 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. هفتيوار مهانگائي جي سالياني شرح 9.12 سيڪڙو تي پهچي وئي. شماريات کاتي هفتيوار مهانگائي بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ ايل پي جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 600 رپين جو اضافو ٿيو آهي. هڪ هفتي دوران 15 ضروري شيون مهانگيون ٿيون ۽ صرف 9 سستيون ٿيون. هڪ هفتي دوران ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر رڪارڊ 600 رپيا مهانگو ٿيو، گهريلو سلينڊر 4500 مان وڌي 5100 رپين کان وڌيڪ ٿي ويو. هڪ هفتي دوران آنا في درجن 5 رپين کان وڌيڪ مهانگا ٿيا. گذريل هفتي دوران ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 9.30 رپيا مهانگو ٿيو، هڪ هفتي ۾ گوشت في ڪلو قيمت 34.47 رپيا اضافو ڪيو ويو. گذريل هفتي تازو کير في ڪلو ڏيڍ رپئي کان وڌيڪ مهانگو ٿيو. رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران دالن جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو. ڳڙ، چڻا ۽ ڪپڙن جي اگهن ۾ به اضافو ٿيو. ٽماٽا، ٿوم، پٽاٽا، اٽو، کنڊ، چانورن جي قيمتن ۾ معمولي لاٿ ٿي 27 شين جون قيمتون برقرار رهيون.