ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان: هفتي دوران 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ

ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان: هفتي دوران 28 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم قيمتن ۾ تازي اضافي کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچي ويو. هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 1.93 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. شماريات کاتي طرفان هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هفتيوار مهانگائي جي سالياني شرح 12.15 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هڪ هفتي دوران 28 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، 8 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 15 شين جون قيمتون برقرار رهيون. شماريات کاتي جي رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران هاءِ اسپيڊ ڊيزل 184 رپيا 69 پيسا مهانگو ٿيو، هڪ هفتي دوران پيٽرول 57 رپيا 66 پيسا مهانگو ٿيو. ٽماٽا 7 رپيا 53 پيسا ۽ ايل پي جي سلنڊر 440 رپيا 43 پئسا مهانگو ٿيو. پٽاٽن جي اگهه ۾ هڪ رپيو 34 پيسا ۽ بصر 2 رپيا 96 پيسا اضافو ٿيو. آنا، گوشت (بيف)، مٽن، بريڊ ۽ ڏهي جي اگهن ۾ پڻ اضافو ٿيو. جڏهن ته ٿوم، ڪيلا، ڪڪڙ، ڪڻڪ، گيهه، ڪوڪنگ آئل ۽ دال ماش جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي وئي.