اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو سلسلو جاري آهي، هڪ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.33 سيڪڙو اضافو ٿيو
سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 28.96 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. شماريات بيورو جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي
ته هلندڙ هفتي دوران کاڌي پيتي جي 21 شين جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، کنڊ، اٽو، بيضا، دال، چانور، خشڪ خير ۽ ٿوم جون قيمتون وڌيون
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 116 رپيا 28 پئسا اضافو ٿيو آهي، بيضن جي في درزن قيمت ۾ 3 رپيا 29 پئسا اضافو ٿيو\
ان کان علاوهه دال ماش ۽ کير جي قيمت ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هلندڙ هفتي دوران 11 شين جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ 19 شين جون قميتون برقرار رهيون