| ملڪ ۾ هفتي دوران مهانگائي 2 سيڪڙو وڌي وئي: عام واهپي جون 19 شيون مهانگيون |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي اداري شماريات مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. اداري موجب ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 13.98 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته گذريل هفتي تائين اها شرح 12.16 سيڪڙو هئي. رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 19 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 9 شيون سستيون ٿيون ۽ 23 شين جا اگهه برقرار رهيا. هڪ هفتي ۾ پٽاٽا 3.13 سيڪڙو مهانگا ٿيا، بريڊ 0.91 ۽ ڪوڪنگ آئل 0.69 سيڪڙو قيمتن ۾ اضافو ٿيو، ان کان علاوه انڊن، گوشت، مرغي ۽ گيهه جي اگهن ۾ به واڌ ٿي. ٽماٽا 27.65 ۽ بصر 9.35 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته ڊيزل، ايل پي جي، اٽو ۽ کنڊ جي اگهن ۾ به گهٽتائي ٿي. هفتيوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 0.33 سيڪڙو گهٽتائي آئي.