ملڪ ۾ پوليو  وائرس ۾ تيزي سان واڌ: 40 ڪيس ظاهر

ملڪ ۾ پوليو  وائرس ۾ تيزي سان واڌ: 40 ڪيس ظاهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پوليو وائرس جي ڦهيلاء ۾ ڳڻتي جوڳي اضافو. اسلام آباد ۽ چئن صوبن جي سيوريج نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي. 87 ضلعن مان 127 سيوريج سيمپلز گڏ ڪيا ويا، جن مان 40 سيمپلز مثبت، 87 منفي قرار ڏنا ويا. بلوچستان 2، ڪي پي 8، پنجاب 6، سنڌ 23 سيمپلز مثبت آيا. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ هڪ مثبت، چار منفي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا سڀ سيمپلز منفي آيا. سيمپلز ڊسمبر 2025 ۾ حاصل ڪيا ويا. اين اي او سي مطابق اثرائتي ويڪسينيشن سبب پوليو ڪيسن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي.