ملڪ ۾ پيٽرول جا ذخيرا 27 ۽ ڊيزل 28 ڏينهن جا رهجي ويا: ڪارگو نه اچڻ سبب گئس جي به کوٽ

ملڪ ۾ پيٽرول جا ذخيرا 27 ۽ ڊيزل 28 ڏينهن جا رهجي ويا: ڪارگو نه اچڻ سبب گئس جي به کوٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي دستيابي بابت تفصيل سامهون اچي ويا. دستاويزن مطابق ملڪ ۾ پيٽرول جو ذخيرو صرف 5 لک 84 هزار 551 ميٽرڪ ٽن رهجي ويو آهي. موجوده ذخيرو 27 ڏينهن لاءِ ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. ڊيزل 5 لک 40 هزار 607 ميٽرڪ ٽن موجود آهي، جيڪو 28 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. خام تيل 3 لک 97 هزار 660 ميٽرڪ ٽن موجود آهي، جيڪو 10 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. سرڪاري دستاويزن مطابق حڪومت اپريل ۾ سوئي ناردرن کي 826 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪري رهي آهي. سوئي سدرن کي 650 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ سوئي ناردرن کي 28 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ گئس ملندي. سوئي سدرن کي مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ 23 ايم ايم سي ايف ڊي گهٽ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. علائقي جي صورتحال سبب مارچ ۾ 6 ڪارگو پاڪستان نه اچي سگهيا آهن. اپريل ۾ 6 ڪارگو اچڻا هئا، پر اڃا تائين قطر انرجي طرفان تصديق ناهي ٿي.  مئي ۾ اچڻ وارن ايل اين جي ڪارگوز جي صورتحال به اڃا واضح ناهي. مارچ ۾ ايل اين جي جي 6 مان صرف 2 ڪارگو پاڪستان پهچي سگهيا. مئي ۾ 3 ڪارگو فورس ميجيور سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. دستاويز مطابق 9 مئي تي اچڻ وارن ڪارگوز جي آمد جو دارومدار خطي جي صورتحال تي آهي، خطي جي صورتحال سبب اسپاٽ ايل اين جي جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي. اسپاٽ ايل اين جي جي خريداري سان قومي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو.