ملڪ ۾ چونڊ عمل رڪجي ويو: عملي جي تربيت بند: ذميوار پي ٽي آءِ آهي: اليڪشن ڪميشن

ڊسمبر 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون يا نه؟ چونڊ عمل کي بريڪ لڳي وئي، اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جي ٽريننگ روڪي ڇڏي، سنڌ سوڌو چئني صوبن جي اليڪشن ڪمشنرز کي هنگامي ليٽر جاري ڪيو ويو، اليڪشن ڪمشن جي ترجمان چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت عملي جي ٽريننگ روڪي وئي آهي، ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ اليڪشن عملي جي ٽريننگ جاري هئي، پي ٽي آءِ جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ڪامورن وسيلي چونڊون ڪرائڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو. آئين تحت اليڪشن شيدول جو اعلان 54 ڏينهن پهريان اڄ ٿيڻو هو، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پاران ڊي آر اوز ۽ آر اوز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اجلاس دوران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سيڪريٽري اي سي پي اڄ سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سان ملاقات ڪندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سُپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته  اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جا الزام رد ڪيا ويا آهن، اي سي پي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، چونڊ شيڊول کان اڳ آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي ٽريننگ ضروري هئي، 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو ته موجوده صورتحال جي ذميوار اليڪشن ڪميشن ناهي، اليڪشن ڪميشن ڊي آر اوز ۽ آر اوز مقرر ڪيا هئا، ٽريننگ به شروع ڪري ڇڏي هئي ته جيئن شيڊول جو اعلان ٿيندي ئي نامزدگي ڪاغذن جي وصولي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ ڊي او آرز ۽ آر اوز جي مقرري کي چيلنج ڪيو، ڊي او آرز جي مقرري معطل ڪرڻ بعد صورتحال تي غور ڪيو ويو آهي جلد ئي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي.

Leave A Comment