ملڪ ۾ چونڊ عمل شروع: بلاول رتوديرو ۽ شهدادڪوٽ جي تڪن تي اميدوار، فريال، شرجيل، شازيه مري ۽ ٻين پاران نامزدگي فارم وصول

ڊسمبر 20, 2023

ڪراچي (نمائندن وٽان) عام اليڪشن 2024 جي لاءِ چونڊ عمل جي باقاعده شروعات ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن عام اليڪشن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون وڙهڻ جي خواهشمند اميدوارن پاران نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا، بلاول ڀٽو زرداري جي لاءِ اين اي 194 لاڙڪاڻو رتوديرو تان نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو، فريال ٽالپر لاءِ رتيديري جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تان نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو،  اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 20 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 24 کان 30 ڊسمبر تي ٿيندي ۽ اعتراض 3 جنوري تائين داخل ڪري سگهجن ٿا. نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيلون 10 جنوري تائين ٻڌيون وينديون. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، 13 جنوري تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ سموري ملڪ ۾ پولنگ ٿيندي. جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي وصولي جي پهرين ڏينهن تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان لاڙڪاڻو رتوديرو واري تڪ اين اي 194 ۽ قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي قومي تڪ اين اي 196 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا ويا، فريال ٽالپر لاءِ رتيديري جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تان نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو. سهيل انور سيال لاءِ باقراڻي صوبائي تڪ پي ايس 12 ۽ ساڳئي تڪ تي پ پ ۾ تازو شموليت ڪندڙ عادل الطاف انڙ به نامزدگي فارم ورتا، ڪنڌڪوٽ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 191 تان احسان مزاري، شاهزين بجاراڻي، اقرار جکراڻي، عمران بجاراڻي، عابد سندراڻي سميت 16 ڄڻن نامزدگي فارم وصول ڪيا. پي ايس 5 تڪ تعلقي ڪنڌڪوٽ تان 5 اميدوارن عابد سندراڻي، راشد سندراڻي، حافظ ربنواز چاچڙ، سليم چاچڙ، شير باز اوڳاهي فارم ورتا. پي ايس 4 تعلقي ڪشمور تان ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم وصول نه ڪري سگهيو. هوڏانهن پي ايس 6 تنگواڻي تان محبوب علي بجاراڻي، عمران بجاراڻي، عبدالجبار جکراڻي سميت 5 ڄڻن فارم وصول ڪيا آهن. نوشهرو فيروز 2، پي ايس 33 تي اڳوڻي ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه، سيد حسن علي شاهه، مسرور احمد راڄپر، شڪيل جلباڻي، حاجي امداد علي چانگ، گل حسن مشوري سميت 50 ڄڻن فارم ورتا. مورو پي ايس 35 تي 14 اميدوارن جا فارم ورتا ويا جن ۾ ضياءَالحسن لنجار، سردار محمد عثمان عالماڻي، محمد حنيف سمون، محمد الياس کوکر، ابراھيم بروھي ۽ ٻيا شامل آهن، ڪنڊيارو جي صوبائي تڪ پي ايس 32تي اڳوڻو ايم پي سيد سرفراز حسين شاهه، موجوده ٽائون ڪاميٽي جي  چيئرمين سيد غلام مرتضيٰ، اڳوڻي ايم اين اي سيد ابرار شاهه سميت 7 ڄڻن فارم وصول ڪيا،

حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي ٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 6 تڪن لاءِ 50 کان وڌيڪ اميدوارن کي نامزدگي فارم جاري ڪيا ويا. صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 60 تي پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو به نامزدگي فارم حاصل ڪيو. اهڙي ريت جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 60 تان محبوب ابڙو پاران به نامزدگي فارم وصول ڪيو ويو آهي.  ٽنڊو ڄام جي صوبائي تڪ پي ايس 61 لاءِ 26 اميدوارن ۽ قومي تڪ اين اي 218 تي 27 اميدوارن فارم وصول ڪيا، ٽنڊوڄام جي پي ايس 61 تي پيپلز پارٽي جي شرجيل انعام ميمڻ، مير شير محمد ٽالپر، پير امجد حسين جيلاني، پي ٽي آءِ اڳواڻ خاوند بخش جهيجو، سندس ٻن پٽن، ايم ڪيو ايم اڳواڻ سجاد احمد،محمد عمران سميت مجموعي طور 26 اميدوار فارم وٺي ڇڏيا، قومي تڪ اين اي 218 تي پيپلزپارٽي جي سيد طارق حسين شاهه ڄاموٽ ،پي ٽي آءِ اڳواڻ خاوند بخش جهيجو ،پيپلزپارٽي جي مير شير محمد ٽالپر سوڌو 27 اميدوارن فارم ورتا، ٽنڊوآدم جي پي ايس 43 لاءِ 12 اميدوارن لاءِ فارم ورتا ويا جن ۾  پ پ جو فدا حسين ڏيرو ، فراز ڏيرو ، پارس ڏيرو ، سانول ڏيرو ، ملڪ امام الدين شوقين، جماعت اسلامي جو مشتاق احمد عادل، ايم ڪيو ايم جو عمران جگنو، نثار احمد شيخ، محمد فاروق ۽ اويس مري شامل آهن. ٺٽو پي ايس 75 تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سيّد رياض حسين شاھه شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھه شيرازي ۽ سيد تنوير حيدر شاھه شيرازي نامزدگي فارم وصول ڪيا. اوٻاوڙو ۾ پي ايس 18 لاءِ پ پ سينيٽر ڊاڪٽر ڄام مھتاب  ڏھر، ڄام ياور مھتاب ڏھر، شهريار  شر، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق شر، فدا حسين شر ۽ الهورايو چاچڙ نامزدگي فارم وصول ڪيا. سانگهڙجي  اين اي 209 تي پ پ پاران شازيه عطا مري، قرت العين مري، آزاد اميدوار سيد نجم الدين شاهه خراساني، پي ٽي آءِ جي مشتاق جوڻيجو ۽ صوبائي تڪ سنجهورو ڄام نواز علي  تي جي ڊي جي ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي، ڄام نفيس علي خان، جاويد ناياب لغاري، آزاد اميدوار سيد نجم الدين شاهه خراساني، پ پ جي ڄام شبير علي خان، مير خان کوسو، اسلم خاصخيلي، پي ٽي آءِ جي مشتاق جوڻيجو، جي يو آءِ جي غلام محمد مري سميت ٻين فارم  وصول ڪيا.

Leave A Comment