ملڪ ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار

ملڪ ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪڻڪ جو هدف پورو نه ٿي سگهيو، هدف ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽ رهجي ويو. هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ جي پيداوار صوبي سنڌ ۾ ٿي. ذريعن موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 29.303 ملين ميٽرڪ ٽن تائين پهچڻ جو امڪان آهي. دستاويزن موجب ڪڻڪ جي پيداوار جو قومي هدف 98.77 سيڪڙو تائين حاصل ڪيو ويو، پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 22.04 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جو اندازو آهي.  سنڌ ڪڻڪ جي پيداوار جو هدف پار ڪري چڪي آهي، پيداوار 104 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي آهي. پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي سالياني قومي ضرورت 31.57 ملين ميٽرڪ ٽن آهي، ڪڻڪ جي مجموعي دستيابي 31.40 ملين ميٽرڪ ٽن رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي طلب ۽ رسد ۾ 0.17 ملين ميٽرڪ ٽن شارٽ فال جو خدشو آهي. پنجاب وٽ ڪڻڪ جو جاري اسٽاڪ ٻڙي آهي. دستاويزن موجب پاسڪو وٽ 1.80 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. ڪڻڪ واري شعبي کي اسٽوريج جي کوٽ ۽ پراڻي مشينري جهڙا چئلنج آهن. پنجاب ۾ 14.92 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ 6.51 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي. خيبر پختونخوا ۾ 4.77 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گهربل آهي. بلوچستان ۾ 1.74 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي.