ملڪ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن ۾ ايڊز جي تصديق: سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ 1515 ڪيس ظاهر ٿيڻ  جو انڪشاف

ملڪ ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن ۾ ايڊز جي تصديق: سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ 1515 ڪيس ظاهر ٿيڻ  جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي صحت واري وزارت موجب پاڪستان ۾ گذريل 15 مهينن دوران 2 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي آهي، جنهن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ 1515 ٻارڙن ۾ ايڊ جي تشخيص ٿي آهي.  وفاقي صحت واري اداري ڪامن مئنجيمنٽ يونٽ مطابق ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻارڙن ۾ 1274 ڇوڪرا ۽ 834 ڇوڪريون شامل آهن۔ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 15 مهينن دوران 1515 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون آيا، جن مان 2025ع دوران 1186 ۽ 2026ع جي پهرين ٽن مهينن ۾ وڌيڪ 329 ٻارڙا متاثر ٿيا. سي ايم يو اختيارين مطابق ٻئي نمبر پنجاب آهي، جتي 2025 دوران 418 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڪيس رپورٽ ٿيا۔ اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ 111 ٻار متاثر ٿيا، جِتي 2025 ۾ 90 ۽ 2026 جي پهرين ٽن مهينن ۾ 21 ڪيس رپورٽ ٿيا. سي ايم يو اختيارين مطابق بلوچستان ۾ ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جا 38 ڪيس رپورٽ ٿيا۔صوبي ۾ 2025 ۾ 33 ۽ 2026 جي پهرين ٽن مهين ن۾ 5 ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته اسلام آباد ۾ 22 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي. جن مان 2025 ۾ 17 ۽ 2026 ۾ وڌيڪ 5  ڪيس رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۾ 3 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ ٻار متاثر ٿيو آهي۔