ملڪ ۾ 4سالن کان بيروزگاري بابت سروي نه ٿي: قومي اسيمبلي ۾ پراڻا تفصيل پيش: 45 لک بيروزگار ظاهر
مارچ 18, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 4 سالن کان بيروزگاري بابت سروي نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ملڪ ۾ بيروزگارن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس دوران، وفاقي وزير احسن اقبال سوالن جي وقفي ۾ ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن بابت تفصيل پيش ڪيا. هن ٻڌايو ته 2021ع کانپوءِ بيروزگاري بابت ڪا به سروي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته 2021ع جي سروي موجب ملڪ ۾ بيروزگاري جي شرح 6.3 سيڪڙو آهي ۽ 45 لک 10 هزار ماڻهو بيروزگار هئا. وفاقي وزير موجب، ملڪ ۾ روزگار سان لاڳاپيل افرادي قوت جو انگ 6 ڪروڙ 72 لک آهي.