ملڪ ۾ 4 ڏينهن بعد انٽرنيٽ سروس بحال: سوشل ميڊيا جي بحالي لاءِ هدايت ناهي ملي: پي ٽي اي
مَي 13, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ 4 ڏينهن بعد انٽرنيٽ سروس بحال ٿي وئي آهي جڏهن ته پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي بحالي لاءِ ڪابه هدايت ناهي ملي. تفصيل موجب پي ٽي اي اختيارين وفاقي گهرو وزارت جي هدايت تي انٽرنيٽ سروس بحال ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد 4 ڏينهن کانپوءِ ملڪ جي سمورن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سروس بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري بعد هنگامن سبب سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي هئي، حڪومت ٽوئيٽر، فيس بُڪ ۽ يوٽيوب سوڌو سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز بند ڪيون هيون. پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت ڪابه هدايت ناهي ڏني جڏهن به ملندي ته بحال ڪري ڇڏينداسين.