ملڪ ۾ 86 لک ٻار جبري پورهئي جو شڪار، آمريڪا 10 سيڪڙو ٽيرف لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ چائلڊ ليبر وڏو مسئلو بڻيل آهي 86 لک ٻار جبري پورهئي جو شڪار آهن. جنهن جو مکيه ڪارڻ سخت غربت، تعليم جي سهولتن جي کوٽ ۽ قانونن تي پورو عمل نه ٿيڻ آهي. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس ۽ عالمي اداري يونيسيف پاڪستان جي گڏيل طور تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 60 لک ٻار مزدوري ڪن ٿا. سنڌ ۾ 16 لک ٻار، خيبر پختونخوا ۾ 7 لک 45 هزار کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 2 لک 1 هزار کان وڌيڪ، اسلام آباد ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻار جبري پورهيو ڪن ٿا. رپورٽ موجب اڪثر ٻار پنهنجي غريب خاندانن جي مدد لاءِ پئسا ڪمائڻ نڪرندا آهن. ٻارن کان فئڪٽرين، دڪانن ۽ ورڪشاپن تي سخت ڪم ورتو وڃي ٿو.ملڪ ۾ چائلڊ ليبر روڪڻ جا قانون موجود آهن پر انهن تي سختي سان عمل نه ڪيو ويندو آهي.

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جبري پورهئيجي روڪٿام ۾ ناڪامي جو جواز ڄاڻائيندي پاڪستان سميت 60 کان وڌيڪ ملڪن تي 10 کان 12.5 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي. وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب نوان ٽيرف 24 جولاءِ کان لاڳو آهن، جنهن تحت پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن مان ايندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. ٽرمپ انتظاميا آمريڪي ٽريڊ ايڪٽ جي سيڪشن 301 تحت 60 کان وڌيڪ ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪيا آهن. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي ملڪ جبري پورهئي سان تيار ٿيل شين جي ايڪسپورٽ تي پابندي لڳائڻ ۽ لاڳاپيل قانونن تي اثرائتي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جن ملڪن تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ارجنٽينا، بنگلاديش، برطانيا، ڪمبوڊيا، ڪئناڊا، ايڪواڊور، ايل سلواڊور، گوئٽي مالا، هونڊوراس، ڀارت، انڊونيشيا، اردن، ملائيشيا، ميڪسيڪو، پاڪستان، سريلنڪا ۽ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو شامل آهن، جڏهن ته ٻين 38 ملڪن تي 12.5 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ٿيندو. وائيٽ هائوس موجب، ڪچي تيل، قدرتي گئس، ڪجهه خوراڪي شيون، ڀاڻ ۽ اهي شيون جيڪي اڳ ئي سيڪشن 232 نيشنل سيڪيورٽي ٽيرف هيٺ آهن، جهڙوڪ اسٽيل، گاڏيون، ايلومينيم ۽ ٽامو، نون ٽيرفن کان مستثنيٰ هونديون. آسٽريليا، برازيل ۽ ناروي سميت ڪجهه ملڪن ڄاڻايل ٽيرف تي سخت اعتراض واريندي ان کي غيرمنصفاڻو قرار ڏنو آهي.