مل مالڪ مٿان پئسا ڦٻائڻ جو الزام، کورواهه ۾ آبادگارن جو مظاهرو

مل مالڪ مٿان پئسا ڦٻائڻ جو الزام، کورواهه ۾ آبادگارن جو مظاهرو

کورواھه(ن پ ا) سچل رائيس مل مالڪ پاران 1 ڪروڙ 80 لک مبينا طور ڦٻائڻ خلاف ملاح برادري ۽ آبادگارن جو محمد بخش ملاح، بصر ملاح ، رشيد ملاح، عبدالواحد سومرو جي اڳواڻي ۾ سچل رائيس مل جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،  ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بااثر مل مالڪ آبادگار محمد بخش ملاح جي آبادي جا 1 ڪروڙ 80 لک ڦٻائي ويو آهي جنهن جو فيصلو ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو ڪيو جنهن تي ڪو به عمل نه ٿيو آهي هنن چيو ته فيصلي جا اسان وٽ دستاويز پڻ موجود آهن پر هو اسان کي ٽن سالن کان رلائي رهيو آهي اسان جي هڪ به نٿو ٻڌي هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بااثر مل مالڪ جي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي رقم واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي