ممتاز مولائي جون موجون ٿي ويون، عدالت مان سندس خلاف درخواست رد

جُولاءِ 11, 2023

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ناليواري راڳي ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

گذريل ڏينهن راڳي ممتاز مولائي، پروڊيوسر  سنيل ڪمار، ڊائريڪٽر راجا رباني، شاعر اياز ڀنگر ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا هئا، عدالت درخواست نه ٻُڌڻ جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي ٻن ڌُرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فصيلو محفوظ ڪيو هيو، ياد رهي ته وڪيل ارباب جهانگير انصاري سيشن جج جي عدالت ۾ ممتاز مولائي، شاعر اياز ڀنگر، ڊائريڪٽر راجا رباني پروڊيوسر سنيل ڪمار ۽ ناز پروڊڪشن جي مالڪ خلاف پٽيشن داخل ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ممتاز مولائي سندس ڳايل ڪلام ” دلبر کي ڪئين پرچائبو آ ” ۾ فحش جملا استعمال ڪيا آهن

درخواست داخل ڪرائيندڙ وڪيل ارباب جهانگير انصاري جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ چئلينج ڪنداسين، ممتاز مولائي فحش شاعري ڳائي نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي جيڪو عمل برداشت نه ڪيو ويندو

Leave A Comment