ممداني رميز راجا جو مداح نڪري پيو، قرب توتي فخر آهي: اڳوڻو ڪپتان

ممداني رميز راجا جو مداح نڪري پيو، قرب توتي فخر آهي: اڳوڻو ڪپتان

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ۽ نيويارڪ جو نئون چونڊيل ميئر ظهران ممداني، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان، پي سي بي چيئرمين ۽ ڪامينٽيٽر رميز راجا جو مداح نڪري پيو. ظهران ممداني اڱاري ڏينهن نيويارڪ سٽي جو ميئر چونڊيو ويو هو، جنهن کانپوءِ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي نيويارڪ سٽي جي نئين چونڊيل ميئر جي اليڪشن مهم جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي هاڻي رميزراجا به ري شيئر ڪيو آهي. وائرل وڊيو ۾ ظهران کي پنهنجي ٽيم سان خطاب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جتي هن پنهنجي ساٿين جو جوش وڌائڻ لاءِ رميز راجا جو حوالو ڏنو ۽ سندس جا جملا ”To snatch defeat from the jaws of victory“ ورجايون. پاڪستاني ڪرڪيٽر رميز راجا نيويارڪ سٽي جي نئين چونڊيل ميئر جي اليڪشن مهم واري ڄاڻايل وڊيو کي مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي ري شيئر ڪيو ۽ کيس واڌايون پڻ ڏنيون. رميز راجا ڪيپشن ۾ لکيو ته ”انيڪ واڌايون محترم ممداني، ۽ ڪامينٽري سان دلچسپي رکڻ لاءِ مهرباني، توهان سڌي ريت مقابلو ڪري انهن ماڻهن کي وائکو ڪيو جيڪي ڪرڪيٽ نٿا کيڏن

، توهان تي فخر آهي.“