ممداني لاءِ مسئلو؟ ٽرمپ حڪومت کي امدادي فنڊز روڪڻ جي اجازت

ممداني لاءِ مسئلو؟ ٽرمپ حڪومت کي امدادي فنڊز روڪڻ جي اجازت

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي سپريم ڪورٽ صدر ٽرمپ حڪومت کي امدادي فنڊز روڪڻ جي اجازت ملي وئي. جنهن کانپوءِ هن مهيني گهٽ آمدني وارن 4 ڪروڙ 20 لک آمريڪين لاءِ ِ فوڊ اسٽامپ پروگرام جي مڪمل فنڊنگ ملتوي ٿي وئي، اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو، جڏهن وفاقي حڪومت شٽ ڊائون جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل ان فيصلي کي ايڊمنسٽريٽو اسٽي چيو وڃي ٿو، جنهن تحت هيٺين عدالت کي وڌيڪ وقت ڏنو ويو آهي ته جيئن هو حڪومت جي درخواست تي غُور ڪري سگهي، حڪومت عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته نومبر لاءِ فوڊ اسٽامپ پروگرام کي جزوي طور فنڊ ڪري، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ظهران ممداني جي ميئر چونڊجڻ تي نيويارڪ جا فنڊز روڪي ڇڏيندس.