4 نومبر 2025 تي نيو يارڪ شھر جي ميئر جي اليڪشن ھڪ ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ اميگرنٽ ظھران ممداڻي کٽي آھي، جنھن بعد امريڪا جي سياست ۾ سوشلزم زير بحث آھي، لڳي ايئن پيو ته ظھران جي فتح ترقي يافته ملڪن ۾ ھلندڙ سوشلسٽ تحريڪن کي اتساھ ڏنو آھي، ان ڪري ان سوال جو جائزو وٺڻ اھم ٿيندو ته ڇا امريڪا جي وڏي شھر نيو يارڪ، جيڪو سرمائيداري جو مرڪز سمجھيو وڃي ٿو، اتي سوشلزم اچي رھيو آھي؟ جي ائين آھي ته پوءِ اھو ڪھڙو سوشلزم ھوندو، ان جي وصف ۽ عملي شڪل ڪھڙي بيھندي؟ ٻين لفظن ۾ ظھران ممداڻي جون پاليسيون، جن کي ھو سوشلسٽ سڏي رھيو آھي، اھي ڪھڙيون آھن؟ پر ان کان پھرين ڪجھ نيويارڪ شھر جي پس منظر ۽ موجودہ حالتن بابت.
نيو يارڪ آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي، جتي 84 لک ماڻھو رھن ٿا، ان شھر جي معيشت ۽ بجٽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آھي. پاڪستان جو ئي مثال وٺو، نيو يارڪ شھر جي بجيٽ سڄي پاڪستان کان وڌيڪ آھي. نيو يارڪ جي بجيٽ 152 ارب ڊالرس آھي، جڏھن ته پاڪستان جي 62 بلين ڊالرس آھي. نيو يارڪ جي معيشت يورپ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ آھي. سال 2023 ۾ ان جي معيشت جي ماليت 1.2 ٽرلين ڊالرس ھئي، جيڪا ھلندڙ سال ۾ 2.5 ٽرلين تائين پھچڻ جو ڪاٿو ھو، جيڪا ترڪي ۽ ملائيشيا کي ملائجي ته به انھن کان وڌيڪ آھي. پر ان ايڏي وڏي معيشت ھجڻ جي باوجود شھر ۾ غربت به آھي، ڏوھ تمام گھڻا ٿين ٿا، عام ماڻھو جيڪو ڏھاڙي تي نوڪري ڪري ٿو، ان وٽ گھر جو ڪرايو به ڌيڻ لاءِ نه ٿو بچي. 18 لک ماڻھو ته اھڙا آھن، جيڪي پنھنجي راشن جي ضرورت لاءِ شھري حڪومت کان ماھوار مدد حاصل ڪن ٿا، جيڪا تقريبن 14 سيڪڙو آبادي ٿئي ٿي. ڏوھن جو اھو حال آھي جو سال 2023 ۾ 386 ماڻھو مارجي ويا ھئا، ۽ ھلندڙ سال 2025 جي رڳو مئي مھيني تائين 112 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن.
ان روشنين ۽ رنگينين جي شھر نيو يارڪ جي اندر مفلسي، بک، بي گھر ماڻھو، نشي ۾ ڌت روڊن رستن تي زندگيون بسر ڪندڙ ماڻھو پڻ آھن. ريسٽورنٽس، وڏن شاپنگ مالس، ۽ ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ماڻھن لاءِ زندگي سک سان جيئن ممڪن نه آهي. ايئن ضرور آھي ته ترقي يافته ملڪن ۾ غربت جي نوعيت مختلف آھي، وٽن اڻھوند جا معيار مختلف آھن، پر جنھن شھر جي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جيف بيزوز ٻن سالن ۾ 100 ارب ڊالرس ڪمائي ۽ ويرن بوفٽ 23 ارب ڊالرس ڪمائي، اتي لکين ماڻھو سرڪار جي راشن ڪارڊن (کاڌي خوراڪ لاءِ ماھوار ملندڙ ڪارڊ ذريعي ڪيش رقم) تي جيئندا ھجن، اھو بهرحال ھڪ وڏو سوال ۽ سرمائيداري نظام جي بحران جو کليو آظھار آھي.
شھر توڙي معاشري جي معاشي جوڙجڪ ھڪ سماجي ڍانچي کي جنم ڏئي ٿي، جنھن مان ھڪ سياسي اظھار پيدا ٿيڻ اڻٽر ھوندو آھي، بلڪل ايئن جيئن گلوبلائيزيشن ۽ فري ٽريڊ جي ڪري گوري رنگ جي آمريڪين کان سفيد پوش (وائيٽ ڪالر جابس) نوڪريون ڦرجي ويون، اھي چين، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن ڏانھن ھليون ويون ۽ ڏورانھين رياستن ۾ رھندڙ گوري رنگ وارا آمريڪي شھري بيروزگاري سبب غربت ۽ محروميءَ جو شڪار بڻيا، جنھن جو سياسي فائدو اچي ڊونلڊ ٽرمپ ورتو، ان کي نسلي رنگ ڏئي ٻئي چونڊون کٽي آيو ۽ اچڻ سان ھڪ وڏي ايجنڊا شروع ڪيائين، آزاد عالمي واپار جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏيائين، ۽ ملڪ جي اندر ٻاھرين ملڪن کان آيل اميگرنٽس خلاف ڪريڪ ڊائون اڃان ھلندڙ آھي، اھڙي طرح معاشي مشڪلاتن ۾ ورتل ماڻھن کي ظھران ممداڻي وري ھڪ ٻيو دڳ ڏيکاريو، جنھن جون پاڙون اڳ ئي نيو يارڪ شھر ۾ اليگزينڊريا اوڪاسيو سالان کان سينيٽر برني سينڊرس جي مدد سان لڳائي چڪي ھئي.
ظھران ممداڻي جي فتح جا ڪيترائي يگانا پاسا آھن، جن ۾ ھڪ ڪابل ذڪر اھو آھي ته سندس چونڊ مھم ۾ ھڪ لک رضاڪارن حصو ورتو. انھن رضاڪارن 30 لک شھرين جي گھر وڃي، سندن در کڙڪائي کانئن ممداڻيءَ لاءِ ووٽ گھريا، سندس ان چونڊ مھم ۾ آمريڪا جي ٻين رياستن سميت فرانس ۽ انگلينڊ کان کاٻي ڌر جي سوشلسٽن ڪھي اچي حصو ورتو، ۽ سندس فتح انھن سڀني لاءِ اتساھ جو سبب بڻي آھي. آمريڪي سرمائيدارن جي نمائنده اخبار وال اسٽريٽ جرنل ممداڻي جي فتح بعد ھڪ تفصيلي مضمون لکيو آھي، جنھن ۾ سندس واعدن ۽ ڪيل اعلانن جو تجزيو پيش ڪيو آھي ته ھو جيڪي چئي ٿو، اھو ڪندو ڪيئن؟ مالي وسيلا ڪٿان آڻيندو؟ نوان ٽئڪس ڪھڙا لاڳو ڪندو؟ ۽ شھر جي بجيٽ جيڪا اڳ ئي خساري جو شڪار آھي, ان کي متوازن ڪيئن ڪندو؟
نيو يارڪ جي ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ميئر جي سياسي پروگرام جو بنياد اھو آھي ته شھر جي مالي وسيلن جو رخ موڙي شھر جي ڪمزور ۽ ضرورت مند طبقن جي مالي سھائتا ڪئي وڃي، سرڪاري مالي وسيلن ذريعي اھڙا پروگرام شروع ڪجن، جن سان عام ماڻھوءَ جو گذر سفر صحيح ٿئي. اھو آھي نئين دور جو سوشلزم، ان سوشلسٽ ايجنڊا جا ڪجھ مک پروگرام ھي آھن:
فري بس سروس:
عام شھري جيڪي روز ڪم ڪار سانگي مين ھٽن شھر اچن ٿا، تن لاءِ فري بس شروع ڪجي، جيڪي بسون ھلن ٿيون اھي فري ڪري سگھجن، جن مٿان حڪومت جو لڳ ڀڳ ھڪ ارب ڊالر ساليانو خرچ ايندو.
فري چائلڊ ڪيئر:
نوڪريون ڪندڙ والدين لاءِ ٻار پالڻ ھڪ وڏو خرچ آھي، والدين جڏھن ٻارن کي ڊي ڪيئر ۾ ڇڏي اچن ٿا ته سراسري طرح سندن ھڪ ھفتي جو خرچ 200 کان 400 ڊالر ھجي ٿو، في ٻار تي ھڪ ھزار ڊالر تائين خرچ ٿئي ٿو، جيڪو ھڪ وڏو معاشي بار بڻجي ٿو. ڪيتريون ئي عورتون نوڪريون ڇڏي، پنھنجو ڪيريئر ڇڏي گھر ۾ ٻار سنڀالين ٿيون. ڪينيڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊي ڪيئر جو خرچ رياست ڀري ٿي، ڊيموڪريٽ پارٽي جي ترقي پسند گروہ وٽ اھو ھڪ پاپولر سياسي پروگرام آھي. وڏو امڪان آھي ته ممداڻي اھو پروگرام نيو يارڪ ۾ شروع ڪندو، جنھن لاءِ کيس 6 ارب ڊالر جي بجيٽ جي ضرورت پوندي.
نون گھرن جي تعمير:
نيو يارڪ ۾ گھرن جي قيمت وڌڻ ۽ ڪراين ۾ مسلسل اضافا ٿيڻ ڪري عام ماڻھوءَ لاءِ گھر ۾ رھڻ ڏکيو ٿي پيو آھي، ممداڻي ان لاءِ واعدو ڪيو ھو ته سندس حڪومت شھر ۾ 2 لک نوان گھر تعمير ڪرائيندي، جن جا ڪرايا وڌايا نه ويندا، ۽ نون گھرن جي دستيابيء جي ڪري موجودہ اپارٽمنٽس جي گھرج ۾ لاٿ ايندي ۽ ڪرايا گھٽبا. کيس ان پروگرام لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 7 ارب ڊالرس گھربل آھن، جنھن لاءِ اھو سچ آھي ته پرائيويٽ ريئل اسٽيٽ اھو بحران حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، يا ايئن چئجي ته اڪيلي سر اھو مسئلو حل نه ٿي ڪري سگھي، سرڪار قرضن ۽ مدد ذريعي گھرن جي کوٽ پوري ڪري سگھجي ٿي.
اھي ٽي مک پروگرام آھن، جن کي توھان آمريڪي سوشلزم چئي سگھو ٿا. خانگي ملڪيت موجود رھندي، شھري حڪومت ڪنھن به صنعت کي نيشنلائيز نه ڪندي. ڪجھ ڪارپوريشنز کي خوف آھي ته شھرين جي مالي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ ٽئڪس 7 سيڪڙو مان وڌائي 11 سيڪڙو ڪيو ويندو، جيڪو ممڪن آھي. پر ڇا ھڪ جٽادار معيشت لاءِ اھو ضروري نه آھي ته ان جا ورڪر ھڪ اھڙي زندگي گذارين، جنھن ۾ سندن ڪجھ بنيادي ضرورتون پوريون ٿين! چائلڊ ڪيئر جو خرچ وڌي وڃڻ ڪري جي شھري ٻار ئي پيدا نه ڪن ته سيٺين جي شاپنگ مالس، بئنڪس ۽ دڪانن تي مزدور ڪٿان ايندا؟
نيو يارڪ اھو شھر آھي, جنھن ۾ 123 فرد بليئنر آھن، ممداڻي ھڪڙو ون ٽائيم ٽئڪس اھڙن امير ماڻھن مٿان عائد ڪرڻ جي به ڳالھ ڪئي آھي، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ پريشان نه ٿئي جو سندس خاندان ڪڏھن به بليئنر رھيو ناھي، ھاڻي ته سندس گھر جو پتو به فلوريڊا جو آھي، ھو پاڻ نيو يارڪ جو رھواسي نه رھيو آھي، ان ڪري ھو ان ٽئڪس جي مد ۾ نه ايندو.
اڄوڪي دور ۾ مغرب جي ملڪن ۾ سوشلزم جا بنيادي جز اھي ئي آھن ته رياستي مالي وسيلن کي عوام ڏانھن منتقل ڪجي ته جيئن مزدورن، سرڪاري ملازمن ۽ ننڍن ڪاروبارن ڪندڙ ماڻھن کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي. ماڻھو سڄو ھفتو، سڄو سال ڪم ڪن ٿا، پوءِ به کاڌي، علاج، ٻارن جي تعليم ۽ گھر لاءِ پريشان آھن. آمريڪا جا اھي چار ڪروڙ 40 لک ماڻھو، جيڪي بک کان بچڻ لاءِ سرڪار جي ماھوار مالي امداد تي ڀاڙين ٿا، انھن جو تعداد وڌندو ئي رھي ٿو، ڇو ته موجوده معيشت انھن کي زندگي گذارڻ جھڙو به نه ٿي ڇڏي.
امريڪا جي ھڪ رياست ويسٽ ورجينيا، جتي وڏي اڪثريت گوري نسل جي آمريڪين جي آھي، اتي جي 16 سيڪڙو آبادي خوراڪ واسطي سرڪاري مدد تي ڀاڙي ٿي، اڄڪلھ آمريڪي حڪومت گذريل 37 ڏينھن کان بند آھي، ڇو ته ھن سال اڃان بجيٽ پاس نه ٿئي آھي. امريڪا جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڀيرو آھي جو حڪومت بند ھجي، ھاڻي ته ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ فلائيٽ آپريشن به محدود پيو ٿئي، جو ملازمن کي پگھارون نه پيون ملن، ۽ بغير پگھار جي ماڻھو ڪم نه پيا ڪري سگھن. 4 نومبر تي ٿيل چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ سندس پارٽي ريپبليڪن جي ھار جو ھڪڙو مک سبب حڪومت جو بند ھجڻ به آھي، جنھن سان 14 لک وفاقي حڪومت ملازمن کي گذريل ھڪ مھيني کان پگھارون نه ملڻ آھي.
جمھوري ووٽ ذريعي سوشلزم جي حامي ماڻھن کي چونڊي رياستي وسيلن کي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪجي، اھو ئي آھي آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سوشلزم، جيڪو ان ڪلاسيڪل سوشلزم جي برعڪس آھي، جنھن ۾ پيداواري ذريعن ۽ وسيلن کي سماجي (حڪومت يا رياستي) ڪنٽرول ھيٺ آڻجي. پر ھا ان جي پاپولرٽي وڌي رھي آھي، اھا ھڪ تحريڪ بنجي اڀري رھي آھي، دنيا جي سرمائيداري جي مرڪزي شھر ۾ سوشلزم جي نالي، نعري ۽ بينر ھيٺ ڪنھن اميدوار جو کٽي اچڻ يقينن سرمائيدارن، سيٺين ۽ جوا خانن جي مالڪن، بشمول ڊونلڊ ٽرمپ، ھڪ وڏو لوڏو آھي، جنھن جا معاشي اثر ته محدود رھندا پر سياسي اثر گھڻي عرصي تائين محسوس ڪيا ويندا.