Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8e2jdfrhqedemnl1qgu3dhkgv2, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
منافق دوست ... قاش علي قمبراڻي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar منافق دوست ... قاش علي قمبراڻي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

منافق دوست … قاش علي قمبراڻي

امجد ۽ ساجد ڪنهن فنانس ڪمپني ۾ نوڪري ڪندا هئا. هڪ ڪمپني هجڻ ڪري انهن جي گهري دوستي به هئي. گهر کان آفيس تائين امجد جي ڪار هوندي هئي ٻئي دوست ان ڪار ۾ ئي آئوٽ بيڪ ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن تفريح ڪرڻ لاءِ گڏ گهمن ڦرڻ کائڻ پيئڻ به گڏ هوندو هو. امجد تمام محنتي، هوشيار هوندو هو جنهن ڪري ان جي آفيس ۾ ۽ ان جي سپروائيزرن جي اڳيان عزت هوندي هئي. امجد بهترين ڪارڪردگي جو هڪ مثال هو. ساجد سست ۽ تمام نيڪار هو جنهن جي ڪري ان جو نالو سدائين سست ملازمن جي لسٽ ۾ هوندو هو. امجد جي محنتي هجڻ ڪري ان جي آفيس ۾ ۽ آفيس جي ٻاهر به عزت هوندي هئي. امجد جو نالو جنرل مئنيجر پروموٽ ٿيڻ جي لسٽ ۾ شامل هو. هر طرف امجد جي تعريف جا چرچا هلڻ لڳا. اهو سڀ ڪجهه ساجد جي سامهون ٿيندو رهيو. امجد سدائين ساجد کي محنت سان ڪم ڪرڻ لاءِ تنقيد ڪندو رهندو هو. ساجد ان تنقيد جو مقصد اهو پيو سمجهي ته امجد منهنجي خلاف سپروائيزرن جا ڪن ڀري ٿو، جنھن جي ڪري منهنجي آفيس ۾ ڪا به عزت ناهي يا منهنجو نالو ان ڪري پروموٽ جي لسٽ ۾ ناهي. پر ائين بلڪل به نه هو امجد جي تنقيد جو مقصد هو ته ساجد به مستقل ۾ اڳتي وڌي اچي پر ساجد جي دل ۾ امجد لاءِ نفرت جا انبار اٿڻ لڳا ۽ هن امجد جي عزت کي مٽي ۾ ملائڻ لاءِ پنهنجي دل ۾ بغض پيدا ڪندو رهيو. ساجد کي بس ڪنهن موقعي جي تلاش هئي ته ڪيئن به ڪري امجد جي ٺهيل عزت ۽ ڪارڪردگي کي لئه مٽي ڪيان. جنهن تي ساجد هڪ ٻئي دوست جي مدد سان امجد تي پئسن جي ڪرپشن جو الزام لڳرايو ۽ امجد کي ان ڪمپني مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويو. امجد بار بار استدعا ڪندو رهيو ته مون ڪرپشن ناهي ڪئي ان جي ڪنهن هڪ به نه ٻڌي. ساجد دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو ۽ جنرل مئنيجر جي سيٽ تي ويهڻ جا خواب ڏسي رهيو هو. امجد کان پوءِ ساجد ئي ان ڪمپنيءَ ۾ سينئر ملازم هو. ان ڪري پروموشن جو تاج ساجد کي ئي پارايو ويو. ان کانپوءِ ساجد امجد سان رابطو ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هو.
امجد جو ﷲ ڀاڳ ورايو ان کي هڪ ٻي ڪمپني ۾ جنرل مئنيجر جي نوڪري ملي وئي هئي ۽ امجد کي اها خبر به پئجي وئي هئي ته ساجد جو ئي پلان هو ان کي نوڪري مان بي دخل ڪرائڻ جو پر امجد ان ڳالهه کي وساري اڳتي وڌڻ لڳو بعد ۾ ساجد جي نااهلي جي ڪري ساجد کي ڪمپني مان به خير باد ڪيو ويو. ساجد جي بيروزگار هجڻ جي ڪري ان جي گهر جي چلهه ٿڌي ٿيڻ لڳي ۽ ساجد مختلف آفيسن جا ڌڪا کائيندو رهيو پر هن کي ڪير نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار نه هو هڪ ڏينهن ساجد رستي تان پيدل وڃي رهيو هو اچانڪ هڪ تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳو جنهنڪري هو شديد زخمي حالت ۾ تڙپي رهيو هو. اتي اچانڪ امجد پنهنجي ڪار ۾ گهر وڃي رهيو هو ماڻهن جي رستي تي رش ڏسي ڪار مان لهي آيو. جيئن ئي ويجهو آيو ته ان پنهنجي دوست جي اهڙي حالت ڏسي ان کي جلدي اسپتال پهچايو. امجد پنهنجو رت جو عطيو ساجد کي ڏئي ان جي حياتي بچائي. جڏهن ساجد کي هوش آيو ته ڊاڪٽر ان کي سڄي احوال کان آگاهه ڪيو ۽ دل ئي دل ۾ شرمسار ٿي رهيو هو. ايتري دير ۾ امجد به اچي ويو، ساجد امجد کي ڏسي ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ امجد کان معافي وٺي سڄي حقيقت سان آگاهه ڪيو. امجد سکي دل جو مالڪ هو ان ساجد کي معاف ته ڪري ڇڏيو پر هميشه لاءِ ان سان لا تعلقي ڪري هليو ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *