منا ڀائي 3 جو اعلان: سنجو بابا ۽ ارشد وارثي جي واپسي

منا ڀائي 3 جو اعلان: سنجو بابا ۽ ارشد وارثي جي واپسي

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي  فلمساز راج ڪمار هيراڻي  بلاڪ بسٽر فلم ‘منا ڀائي 3’ ٺاهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، جنهن ۾ سنجي دت ۽ ارشد وارثي جي مشهور جوڙي کي واپس آندو پيو وڃي، هن چيو ته سندس ٽيم فرنچائيز جي ٽئين قسط جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. سال اڳ فلم ‘منا ڀائي چلي آمريڪا’ جو ٽيزر جاري ٿيڻ باوجود فلم نه ٺهڻ بابت راج ڪمار هيراڻي ٻڌايو ته فلم جو ٽريلر گهڻو وقت اڳ ٺاهيو ويو هو، اسان ان وقت اسڪرپٽ لکي رهيا هئاسين، اسان ٽريلر ۾ اهو ڏيکاريو ته منا ۽ سرڪٽ آمريڪا وڃي رهيا آهن،  هو اتي ڇا ڪندا؟ ظاهر آهي، هو انگريزي سيکارين ها. اسان ان ئي خيال تي ٻڌل ڪجهه مواد تيار ڪيو هو، پر اسان اهو اسڪرپٽ ڪڏهن به مڪمل نه ڪري سگهياسين.