| منشيات اسمگلنگ ڪوشش: برطرف جج 4 ساٿين سميت گرفتار، مين پڙين سان ڀريل ڪار هٿ |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ برطرف ٿيل سول جج زاهد مغيري مبينه طور ٽن ساٿين سميت منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش دوران پڪڙجي پيو، مٿن منشيات ۽ هٿيار هٿ اچڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ اڳوڻو سول جج زاهد مغيري، ساجد لاشاري، بلال سومرو ۽ منير ملاح شامل آهن، جوابدارن وٽان هڪ پسٽل ۽ مين پڙيون تيار ڪرڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو، گاڏي مان مئگزين ، گوليون ، ٽچ موبائيل ۽ ٻيو سامان پڻ برآمد ڪيو ويو، جوابدار ڪار ۾ سامان حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان کڻي اچي رهيا هئا، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ڪرڻ بعد جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو، جوابدارن جي گاڏي تي لڳل نمبر پليٽ جعلي هئي، جوابدارن کي جسماني رمانڊ لاءِ عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، عدالت چئني جوابدارن کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي حيدرآباد جي نارا جيل حوالي ڪري ڇڏيو ، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ اڳوڻو سول جج زاهد حسين مغيري 2019 ۾ سول جج جي مقرري کان پوءِ اپريل 2026 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊسمس فرام سروس ڪيو ويو هو .