منشيات جا عادي نوجوان مزاحمتي تحريڪن جا مھندار ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟…ڊاڪٽر سراج سيال

                 سنڌ ۾ عام طور تي اھو چيو ويندو آهي ته، ”سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو کي جهڙا خطرا اڄ آهن، تهڙا ڪڏهن به ناهن رهيا“. اڄوڪي صورتحال ۾ نه صرف اهو سچ آهي پر جيڏا خطرا آهن، اوترو ان جو نوٽيس ڪونه پيو ورتو وڃي. اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي ته سنڌ پنهنجي ڪک مان خطرن جي مزاحمت لاءِ نيون قوتون تخليق ڪندي رهي ۽ انهن قوتن پنهنجي وت کان وڏيون مزاحمتون ڪري ڪيترين ئي ناانصافين کي ٿيڻ ڪونه ڏنو يا گهٽ ۾ گهٽ به انھن جي رفتار کي گھٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويون آهن. جڏهن ته ساڳي وقت سنڌ دشمن ۽ عوام دشمن قوتون به نون حربن سان ميدان ۾ لهنديون رهيون، ۽ مزاحمت ڪار پرتن کي سمجهندي سمجهندي اسڪين آئوٽ ڪري ورتو. هارين، مزدورن، شاگردن ۽ ساڃاهه وند وچئين طبقي جي مزاحمت جي سگهه کي شاگردن نوجوانن ۽ پڙهيل ڳڙهيل وطن ۽ قوم جي طرفدار اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ٻين قلمڪارن جي بي پناهه سگهه ڇال ڏئي نئين دور ۾ داخل ٿي ئي مس ته سنڌ جي تعليم تي پرائمري کان يونيورسٽي تائين ڪرپشن ۽ تباهي جو طوفان کڙو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پورا ٽي ڏهاڪا مسلسل نه رڳو تعليم تباهه ٿيندي وئي پر ان جو احساس زيان به جھيڻو ٿيندو ويو.

گذريل ڏهاڪي کان ساڃاهه وندن ان احساس کي اجاگر ڪرڻ شروع ڪيو ته سڄي دنيا چوندي رهي آهي ته، ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته سڀ کان پهرين ان جي تعليم کي تباهه ڪيو وڃي“، ته پوءِ يقينن ڪنهن قوم کي ترقي يافته، هوشيار، سجاڳ ۽ آزاد بڻائڻ لاءِ سڀ کان پهرين ان جي تعليم کي بحال ڪيو وڃي. ائين ڏسندي ڏسندي تعليم جو اسم سنڌ جي مستقل قومي ايجنڊا جو حصو بڻجي ويو. اڃا مس آسرو ٿيو ته شاگرد، استاد ۽ سنڌي عوام جلد ٻرانگھون ڀري تعليم، سائنسي شعور ۽ محنت ذريعي پوين ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ليٽ ڪڍي سگهنداسون.

سنڌ دشمن، عوام دشمن قوتن کي ڀلا اهڙي ڳالهه ڪيئن ٿي راس اچي سگهي. پوءِ اوچتو ئي اوچتو سنڌ جون درسگاهون منشيات جا اڏا بڻجي ويون، يا وري انھن تائين منشيات جي پھچ ۽ رسائي جون خبرون اچڻ لڳيون. ڀنگ، چرس، آفيم، ڪپي، ٺرو، هيروئن، ڪرسٽل، مين پڙي، زيڊ 21 ۽ سڀ کان خطرناڪ آئيس جو واهپو وڄ جي تيزيءَ جيان سنڌ جي شهرن، پاڙن، ڳوٺن، بس اسٽاپن، تعليمي ادارن ۾ وڌڻ لڳو. هاسٽلن، ڪينٽينن، گهٽين جي مانڊڻين تي نشي واريون مذڪوره شيون بنان روڪ ٽوڪ جي ملڻ لڳيون. ان منشيات ٿورڙي ئي عرصي ۾ سنڌ جي نوجوانن جي  زندگين ۾ وڏي تباهي آندي آهي.

اڳ سنڌ جو نوجوان، جيڪو مارشل لائن خلاف وڙهيو، آئين جي بالادستي لاءِ وڙهيو، ته کيس ڪوڙي ڪامريڊي ڪلچر ذريعي تعليم کان ڪوهين پري ڪيو ويو. اڃان مس مس ”نعرہء تعليم، نعرهء سنڌ“ ۽ تعليمي انقلاب جي ڳالهين هڪ اميد پيدا ڪئي هئي ته ان اميد جي ڪنڌ تي منشيات جي ڪهاڙي رکي کيس چين کانپوءِ ٻئي منشيات زده قوم طور مشهور پيو ڪيو وڃي. اڄ اھا ڪهاڻي گهر گهر جي ڪهاڻي بڻيل آهي. خاص ڪري زيڊ 21 ۽ آئيس وڏي پئماني تي هر جڳهه تي وڪرو ٿيندي نظر اچي پئي. اڄ ننڍا ٻار، نوجوان، منشيات جا عادي ٿيڻ شرط ئي ٻين انيڪ منفي عادتن جو سولو شڪار بڻجن ٿا. ڀلا چاليهه پنجاهه رپين جي هڪ پڙي ۽ 24 ڪلاڪن ۾ 24 پڙيون کائيندڙ ڪيئن پنهنجي کيسي خرچي مان پورائي ڪري سگهندا؟ گهر جي چوري، پيسن ۽ ٻئي سامان جي چوري ـ نيٺ ان کي ڊرگ ڊيلرز جي هٿان بليڪ ميل ٿيڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو. جنهن سبب وري نشي واري عادت مان نڪرڻ جي خواهش به فقط هڪ خواب بڻجي رهجي وڃي ٿي.

تازو سرڪار منشيات مان جان ڇڏائڻ وارا وڌيڪ مرڪز کولڻ تي غور ڪري رهي آهي. جڏهن ته اڄ گهٽي گهٽي ۾ خانگي ادارا ڳريون فيون وصول ڪري رهيا آهن. منشيات جي خاتمي جي جدوجهد اڃان سنڌ جي قومي ايجنڊا جو حصو نه بڻي آهي. منشيات جو خاتمو فقط ناپسنديدگي جي لفظي اظھار ڪرڻ سان نه ٿيندو. پر ان خلاف شاگرد تنظيمن، استاد تنظيمن، ساڃاهه وند قومي ڪارڪنن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس ۽ مختلف مذهبي ڌرين کي پڻ چٽي طرح سان اسٽينڊ وٺي ڄمي بيهي تحريڪ هلائڻي پوندي. جيڪڏهن اسان اڄ جي نوجوان کي منشيات جي تباهي کان نه بچائي سگهياسين ته پوءِ سنڌ جون قومي تحريڪون جيڪي ماضي جو شاندار مثال آهن، اهي ماضي ئي رهجي وينديون. بيشڪ اڄ به سنڌ جي سياسي ڪک سنڍ ناهي ٿي پر بلين ڊالرز جو سوال هي آهي ته منشيات جي عادي نوجوانن جا لشڪر وطن ۽ قوم لاءِ تحريڪن جا مهندار ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟! هڪ طرف سڄي دنيا ۾ چون ٿا ته هي نوجوانن جو دور آهي. نوجوان پنهنجي وطن ۽ قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو سرگرم آهن پر ڪيترن ئي ميدانن ۾ نوان رڪارڊ پيا قائم ڪن. مثبت ته ٺهيو پر منفي ڪردارن جا حامل نوجوان به پنهنجا منفي حدف حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي ميدان تي لٿل آهن. جڏهن ته اسان وٽ سڄي قوم کي نه رڳو نشي ۾ غرق ڪيو پيو وڃي پر ان کي اڃان تائين ايترو خطرناڪ نه پيو سمجهيو وڃي. سنڌ جي ڪا به سياسي، سماجي، مذهبي، ثقافتي، علمي ادبي ڌر منشيات خلاف ڪو اهڙو سگھارو تحرڪ پيدا ڪندي نظر نٿي اچي. فقط آڱر ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ منشيات مافيا سان ٽڪر ۾ اچڻ جي ضرورت آھي.

ڏڪندڙ قلم سان اھا ڳالهه لکندي ڄڻ ته هنيانءُ ۾ وڍ پون ٿا ته شاگردن سان گڏوگڏ منشيات جي ٻه مُنهين بلا گرلز ڪاليجن ۾ شاگردياڻين تائين پهچڻ شروع ٿي وئي آهي. زيڊ 21 ۽ آئيس ۽ ڪرسٽل جو عادي نوجوان ڀلا درسگاهن ۾ وڃي پڙهي سگهندو؟ وصي شاه جو شعر آهي ته،

ساری رات کی جاگی آنکھیں، کالج میں کیا پڑھتی  ہونگی