منشيات جي اثر هيٺ آيل سنڌي سماج  جي مختصر تصوير … ميان مير چانڊيو

                 ڪجھ سال اڳ علي قاضي صاحب سنڌ جي ذري گهٽ وساريل ثقافت کي ايڪتا جي نالي ۾ جياريو, هن صاحب سال ۾ ھڪ ڏينهن ثقافتي ميلو مچائي هن مصروف زندگي کي ھڪ ڏينهن لاءِ خوش باش رهڻ جو به موقعو عطا ڪيو. علي قاضي هن دفعي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي پليٽ فارم تان ايڪتا ڏينهن جي موقعي تي جيڪو سلوگن ڏنو آھي، اهو ڪمائتو, وزندار ۽ وقت جي ضرورت آھي.  اهو آھي: “منشيات کان پاڪ سنڌ”.

                 هونئن ته دنيا ۾ نشي واپرائڻ جي پراڻي تاريخ آھي. منهنجي خيال ۾ سماجن ۾ بگاڙ، خونريزي ۽ بيمارين جو وڏو سبب نشو ئي رهيو آھي. قديم ويدن ۾ سوم رس نالي نشي جو ذڪر ملي ٿو. سوم رس مطلب ته سوم ٻوٽي  يا درخت جو عرق، جيڪو خاص ڪري رشي واپرائيندا هئا. شراب جو هڪ ٻيو قسم جنهن کي تاڙي چئبو آھي، جيڪو کجي جو رس يا عرق آھي، جنهن جو اثر ٿڌو ليڪن دماغ کي ڇيهو رسائيندڙ ھوندو آھي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ نشو نه رڳو واپرائبو رهيو آھي، پر اهو نشو هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ڏانهن  وڪامندو يا سمگلنگ به ٿيندو پئي رهيو آھي. برما ۽ افغانستان آفيم پيدا ڪندڙ ملڪ رهيا آھن. پاڪستان جي اتر اولھ علائقن ۾  ڏوڏي جي پوک ٿيندي آھي، جنهن مان آفيم ٺھندو آھي. آفيم سنسڪرت ٻولي جو لفظ آھي، جنهن جي معنا ٿيندي: “نانگ جي وات مان نڪتل زهر جي ڦيڻ”.

پوست جي ٻوٽي جو گل ڳاڙھو ۽ سهڻو ٿيندو آھي، جنهن کي فارسي ۾ ‘گلِ لالا’ چوندا آھن. هيروئن به آفيم مان ٺھندي آھي، اها واپرائڻ جي ڪجهه مهينن اندر واپرائيندڙ جو موت واقع ٿيندو آھي. ماضيءَ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني نفعو حاصل ڪرڻ خاطر برما ۽ بنگال ۾ آفيم جي پيداوار لاءِ ڏوڏي جي فصل جي پذيرائي ڪئي، ۽ حاصل ڪيل آفيم کي چين جي منڊيءَ ۾ فروخت ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي بعد ۾ چين مخالفت ڪئي، جنهن تي ٻنهي ملڪن جا تعلقات خراب ٿيا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته 1840ع کان 1842ع تائين چين ۽ برطانيا ۾ جنگيون به لڳيون، جن کي آفيمي جنگيون سڏجي ٿو. برطانيا چيني ماڻھن کي نشي جو عادي بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري منشيات جي سمگلنگ بند نه ٿي سگهي. ايسٽ  انڊيا ڪمپني ان مان وڏو نفعو ڪمايو. 1773ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌو نديءَ وسيلي جيڪو واپار وارو ٽالپرن سان   معاهدو ڪيو هو، ڪمپني ان وسيلي هندستان جو آفيم ٻاهرين ملڪن موڪلي ساليانو ڏھ لک پائونڊ ڪمائيندي هئي.

منشيات جو استعمال جسم ۽ دماغ لاءِ نقصانڪار آھي. ان جي استعمال سان ڊپريشن ۽ اضطراب وڌي ٿو، ۽ ماڻھو ذھني مريض بنجي پوي ٿو. سندس ٻڌڻ، سونگهڻ، ڏسڻ، چکڻ ۽ ڇُهڻ جون حِسون متاثر ٿين ٿيون. مون کي ڊاڪٽر جاڙو ياد ٿو اچي، جيڪو ڀَنگ جا گلاس پي پيو گهٽين ۾ کلندو هو. ها ها ها…. هن جا ٽھڪ در ۽ ديوارن سان پيا ٽڪرائبا هئا. هڪ ڏينهن جانورن جي اسپتال جي ڪمري ۾ مون کيس روئندي ڏٺو. ٻاهر بيٺل بيمار ٻڪريءَ جيئن ئي ٻيڪڙاٽ ٿي ڪيا ته هو به زور زور سان ٿي رنو. پڇيومانس: ڊاڪٽر، ڇو پيو روئين؟ چيائين: بيمار ٻڪريءَ جو سور مون منجھ لٿو آھي، ان ڪري ٿو روئان. ڊاڪٽر جاڙو خان پن جون ٻيڙيون پيئندو هو، جنهن ڪري سندس موت ڦڦڙن جي بيماري سبب ٿيو. هن جو ڪمال اهو هو ته هو ڪنهن به جانور کي ڦڙتيءَ سان انجيڪشن هڻي وٺندو هو. پوئين دفعي ڳوٺ ۾ ڪو ڀاڳيو مال جي علاج لاءِ کيس وٺي آيو. وٿاڻ ۾ ويٺل ڪتي کيس چڪ هڻي رت ڪڍي وڌو. ڪتي کي ڏسي چيائين: شينهن سان ڇا مقابلو ڪندين! لڪي چڪ پاتو اٿئي، سڌو اچ ته خبر پوي! جاڙي خان  ڪتي جي چڪ واري جاءِ تي پٽي ڪري ڇڏي، ۽ پوءِ جانورن جو علاج ڪري دوائن واري ٿيلهي سان  منڊڪائيندو ٻاهر هليو ويو.

مون کي هڪ ٻيو موالي به ياد پيو اچي، جيڪو جهوڪ جي علائقي جو رهواسي هو. نالو ياد نه رهيو آھي. ڀَنگ گهوٽي ٺڪر جي لوٽي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. پوءِ ان مان وٽس ايندڙ موالين کي به پيو پياريندو هو ۽ پاڻ به پيئندو هو. وٽس ڪل دولت هڪ ٽانگو هو، جيڪو شھر ۾ ھلائي گذر سفر ڪندو هو. جڏھن سندس گهرواري فوت ٿي ته پاڻ آيل ڪانڌين کي لاش کڻڻ نه ٿي ڏنائين. گوڙ ڪري بيهي رهيو. نيٺ پاڙي جي نيڪ مرد جي مداخلت تي ڪانڌين مواليءَ جي گهر مان سندس گهرواريءَ جو لاش کڻي ويجهي قبرستان ۾ دفن ڪيو.

مون کي جمن فقير مڱڻھار به ياد ٿو اچي، جيڪو شھر جي مذهبي جاءِ جي چانئٺ تي ويٺل نظر ايندو هو. هو جڏھن چرس جي چلم ٺاهي پيئندو هو ته دونهون ايئن سندس نڪ مان نڪرندو هو، جيئن شگر مل جي چمني مان دونهن نڪرندو آھي. چلم جي دونهن هن جون اکيون ڳاڙھيون ڪري سندس نظر وڃائي ڇڏيو هو. موالي آدم چانڊيو ته چرس، ڀَنگ يا آفيم استعمال ڪونه ڪندو هو پر پَن جون ٻيڙيون گهڙيءَ گهڙيءَ دکائيندو هو، جنهن ڪري مٿس نالو موالي پئجي ويو. ٻيڙين جا ٻه جهوڙا ۽ ماچيس سندس قميص جي پاسي واري کيسي ۾ پيل هوندا هئا. سيارو ايندو ته ساري رات پيو کنگهندو هو. رات ٽاڻي هن جي کنگهه ٻڌي ان گهر کان ڍور ڍڳي جا چور چڪار به پاسو ڪندا هئا. مون سنڌي سماج  جي ماضيءَ جي مختصر تصوير پيش ڪئي آھي. مون جن ڪردارن جو ذڪر ڪيو، اڄ انهن مان اسان وٽ ڪوبه ڪونه رهيو آھي.

جڏھن ڪو ماڻھو نشو جو عادي ٿئي ٿو ته هن جو سماج ۾ بهتر انسان بڻجڻ جو ڪارج ختم ٿي وڃي ٿو! هن وقت اسان وٽ سگريٽ، شراب، چرس، آفيم، هيروئن، آئيس، گٽڪو، مائو ۽ ٻين نشن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ٿو رهي، جنهن ڪري هڪ ته اسان وٽ بيماريون وڌي رهيون آھن، موت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آھي. اسان سست ۽ ڪاهل بڻجي رهيا آھيون. ٻيو ته نشي جا هاڃيڪار اثر اسان جي نوجوان نسل تي پئجي رهيا آھن، جنهن سان تعليم ۽ ترقي جو عمل متاثر ٿي رهيو آھي. اسان جي عمر گهٽجي رهي آھي. اسان ڄڻ خودڪشي ڪرڻ وڃي رهيا آھيون. هن وقت حالت اها اچي بيٺي آھي، جو گٽڪو, مين پڙي ۽ سفينا سميت ٻيا نشا گهر گهر پهچايا وڃن ٿا. مختلف هنڌن تي گٽڪي، مين پڙين ۽ مائي جو فئڪٽريون لڳل آھن. هر ننڍي وڏي اسٽاپ تي ڪيبينن توڙي دڪانن تي منشيات ملي ٿي. پوليس خاموش آھي. منشيات فروش بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ڪاروبار ڪندا رهن ٿا. منشيات فروش مالدار ۽ واپرائيندڙ  ذھن مريض ٿي تباهه ٿي وڃن ٿا. آئون علي قاضي جي منشيات خلاف جدوجهد تي کيس جس ٿو ڏيان، جنهن منشيات خلاف هڪڙو نعرو ڏيئي سنڌي ماڻھن کي ان خلاف ڀرپور جدوجهد جو سڏ ڏنو آھي.

مون کي ياد آيو ته ڪجهه سال اڳ هڪ ڏينهن علي قاضي سان گڏ بلڙي شاهه ڪريم ۾ سندس مان ۾ رکيل هڪ پروگرام ۾ ويٺل هوس. جنهن وقت پاڻ ڀٽ شاهه تي رکيل هڪ وڏي پروگرام جي سلسلي ۾ سنڌ جي دوري تي نڪتل هو. سندس ڪرسيءَ جي پاسي ۾ منهنجي ڪرسي رکيل هئي. مون دعا سلام کان پوءِ کيس چيو: “اسان هن وقت Arthur Koestler (ارٿر ڪوئسلر) جي مشھور ناول darkness at noon جهڙين حالتن مان گذري رهيا آھيون”. ان تي پاڻ چيائين ته، “اسان آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا ويٺا آھيون، ان ڪري هر آنڌيءَ ۾ ڏات جا ڏيئا روشن ڪري آنڌي کي ختم ڪبو”. سنڌ ۾ ھن وقت منشيات جي آنڌي خطرناڪ حد تائين موجود آھي, ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ جو وقت اچي ويو آھي. اچو ته سڀ گڏجي ان کي ختم ڪري صحتمند سنڌ اڏيون.