| منشيات ختم ڪرايو: فريدآباد ۾ همراهه جو تئو ۽ زنجير پائي انوکو احتجاج |
فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ۾ راڌڻ جي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ انور ملاح منشيات جي خاتمي لاءِ ڳچي ۾ تئو پائي زنجيرون ٻڌي انوکو احتجاج ڪندي دانھيو ته ميھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن فريدآباد،راڌڻ نئون ڳوٺ؛ شاھ پنجو سلطان ۽ٻين ڳوٺن م پوليس جي سرپرستي م سرعام منشيات هلي رهيو آهي جنهن سبب ھتان جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، ھن چيو ته پوليس منشيات فروشن کان منٿلي وٺي انهن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي منهنجي احتجاج ڪرڻ تي ڪيترائي دفعا منشيات فروشن پاران مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي منهنجي گهر مان چوري ڪرائي گهر م پيل سمورو سامان چورن هٿان کڻايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته منشيات فروش بااثر هجڻ سبب پوليس انهن اڳيان بيوس بڻيل آهي هن، اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميھڙ تعلقي جي منشيات فروشن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منشيات جون پاڙون پٽي نوجوان نسل کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي