ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي مان هڪ پوليس وارو مولوي، گرانڊ آپريشن جي نالي سان ٺٽي آيو هو. هن جي گرانڊ آپريشن جو مقصد آئيس جي موالين کي ڳولي ڪراچي کڻي وڃي ايڌي سينٽر ۾ رهائڻ، جتي انهن جي نشي جي بري عادت ڇڏائڻ لاءِ سندن علاج ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هي ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري مان اندازن 20 کان وڌيڪ آئيس جي موالين کي ڪراچي کڻي ويو. ايڌي سينٽر ۾ انهن سان ڇا وهيو واپريو، ان کي هڪ پاسي رکندي هن وڌندڙ نشي جي لعنت تي هڪ نظر وجهون ٿا.
دنيا ۾ سڀ کان پهرين چين ۾ آفيم جي خلاف جنگ جو ذڪر ملي ٿو. اوڻيهين صديءَ ۾ چين ۽ برطانيا ۾ تجارتي معاهدي تحت چين مان چانهه، ريشمي ڪپڙو ۽ ٻيون شيون برطانيا موڪليون ويندو هيون، ان جي بدلي ۾ برطانيا مان وري ڪجهه شيون چين موڪليون وينديون هيون. ان وقت برطانيا جيترو مال چين مان گهرائيندو هو، انهيءَ جي مقابلي ۾ چين ويندڙ مال تمام گهٽ هو. ٻي طرف وري رقم جي ادائگي مال جي بدلي مال جي بجاء روڪڙ تي رکي وئي. انهيءَ ڪري برطانيا کي رقم ادا ڪرڻ ڪري ان جي ملڪي معيشت تي خراب اثر پوڻ جو انديشو هو. انهيءَ ڪري برطانيا غير قانوني طور آفيم چين موڪلڻ شروع ڪيو. آفيم جي ڪري چين جا ماڻهو نشي جا عادي ٿي ويا ۽ انهن ۾ تيزيءَ سان واڌارو ٿيڻ شروع ٿيو. آفيم جي استعمال تي چين سڀ کان پهرين 1729 ۾ بندش وڌي، ٻيهر 1800ع ۾ ان جي پيداوار ۽ ٻاهران گهرائڻ تي بندش وڌي. ان کان پوءِ برطانيا غيرقانوني طور سامونڊي جهازن وسيلي آفيم جو واپار شروع ڪيو. انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ ٻه آفيم جون جنگيون مشهور آهن. برطانيا ۽ چين ۾ پهرين جنگ 1839ع کان 1842ع تائين هلي. ان ۾ چين کي شڪست آئي. آخرڪار نانڪنگ ٺاهه هيٺ هانگ ڪانگ برطانيا جي حوالي ڪيو ويو ۽ برطانيا کي اها ڇوٽ ڏني وئي ته هو چين جي ڪنهن به واپاريءَ سان ڪاروبار ڪري سگهي ٿو. ٻي جنگ وري 1859ع کان 1860ع تائين هلي. هن دفعي جنگ ۾ برطانيه سان گڏ فرانس پڻ شريڪ ٿي ويو. اها جنگ پڻ چين هارائي ۽ آخرڪار تيانتسن ٺاهه تي صحيون ڪيون ويون. انهيءَ ٺاهه هيٺ هانگ ڪانگ جي اولهه ۾ ڪولون وارو علائقو پڻ برطانيا جي حوالي ڪيو ويو. برطانيا سامراج ان تي بس نه ڪئي، آخرڪار چين کي مجبور ڪري 1898ع ۾ هانگ ڪانگ 99 سال لاء برطانيا پٽي تي ورتو۔ اهو مدو 1997ع ۾ ختم ٿيو ۽ هانگ ڪانگ هڪ دفعو ٻيهر چين جي حوالي ٿيو. هن دفعي چين 50 سالن لاءِ هانگ ڪانگ ۾ موجود سياسي نظام کي نه ڇيڙڻ جو معاهدو ڪيو ۽ ائين هڪ ملڪ ۾ ٻه مختلف سياسي نظام موجود آهن۔ ان کان علاوه دنيا ۾ هن وقت پڻ ڪافي ملڪن ۾ منشيات جي خلاف جنگ هلندڙ آهي. انهيءَ ۾ ميڪسيڪو ۾ 2006ع کان منشيات خلاف شروع ڪيل جنگ اڄ تائين جاري آهي. ان کان سواءِ ڪولمبيا، پيرو ۽ ميانمار ۾ پڻ منشيات خلاف جنگ هلندڙ آهي. افغانستان جنگ (2001ع کان 2021ع) جو ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب منشيات خلاف جنگ پڻ چيو وڃي ٿو.
منشيات جو ڪاروبار ايترو منافع بخش آهي، جو دنيا جو ڪجهه ملڪن ۾ ته منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن جي پنهنجي نجي فوج آهي. ائين هو ملڪي فوج سان ٽڪر کائيندا رهن ٿا. انهيءَ عالمي صورت حال جو اثر اسان جي ملڪ تي پڻ پوڻ شروع ٿيو. افغانستان مان ڪوڪين ۽ ايران مان تيل جو غيرقانوني ڪاروبار شروع ٿيو، جيڪو تا حال جاري آهي. ايران مان صرف تيل نه بلڪ زندگي جون ٻيون مختلف شيون غيرقانوني طريقي سان ملڪ ۾ اچڻ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
اڄ جنهن موضوع تي مون قلم کنيو آهي، انهيءَ جا پيرا ماضي قريب ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ خاص طرح 1971ع ۾ ملڪ ٽٽڻ کان پوءِ ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين طرفان سنڌ ۾ قومي ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙن کي لٺ سان هلائڻ وارو رستو ڇڏي، انهن جي ڏاڍ مڙسي ۽ غيرقانوني ڌنڌن تي چشم پوشي ڪرڻ شروع ڪئي ته جيئن هو سياست کان پري ٿي وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ اڳواڻن طرفان هاسٽلن ۾ ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي رھائڻ شامل آهي. ائين سنڌ جي قومي سياست پنهنجي اصل مقصد کان ٿڙي وئي.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ اتي بہ بس نه ڪئي، پر انهن خاص ڪري 1983ع کان پوءِ سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسي جي راڄ جو رواج وڌو، جنهن ۾ هٿرادو ڌاڙيل پيدا ڪيا ويا. اهو عنصر هاڻي وقت سان گڏ ايترو زور وٺي ويو آهي، جو ڪجهه وقت اڳ ۾ سنڌ جو موجوده وزير اعلى` سيد مراد علي شاهه اهو چوڻ تي مجبور ٿيو ته ڌاڙيلن وٽ اهڙا هٿيار آهن، جيڪي سنڌ پوليس وٽ نه آهن. ڌاڙيلن کي ملندڙ هٿيارن جي حوالي سان ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم غلام مصطفى` جتوئي (مرحوم) جو اهو بيان ته ڌاڙيلن کي هٿيار ڪير ٿو پهچائي، اڄ به پراڻين اخبارن مان پڙهي سگهجي ٿو.
سنڌ جي قومي سياست کي مڏو ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا. انهن ۾ مٿي ذڪر ڳالهين کان سواءِ ملڪ ۾ غيرسرڪاري تنظيمن (NGOs) جو ڄار وڇايو ويو. انهيءَ ڄار ۾ گهڻا سياسي ذهن رکندڙ ڪارڪن ڦاسي پيا ۽ هو انهن تنظيمن ۾ شامل ٿي، خوش حال زندگي گذارڻ لڳا. ائين سياسي ذهنن جي موت جو بندوبست ڪيو ويو. انهن مڙني حڪومتي دٻائن باوجود سنڌ جي عام ماڻهوءَ جو شعور جيڪو سياسي تحريڪن ذريعي حاصل ٿيو هو، اهو وقت گذرڻ سان اڃا وڌيڪ پختو ٿيندو ويو. عام ماڻهن کي سياسي طرح مڏو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سياسي رشوت جو بنياد وڌو ويو. انهيءَ تحت ملڪ ۾ ناظمي نظام جي ذريعي يونين ڪائونسل سطح تي ترقياتي ڪمن لاءِ پئسا ڏنا ويا، جن جو غلط استعمال ڪيو ويو. ائين هيٺين سطح تي ماڻهن کي اخلاقي ڏوهاري بنايو ويو. ان کان علاوه اهليت جو جنازو ڪڍي، نوڪريون وري وڏن ماڻهن ۽ سياستدانن جي ذريعي ڏنيون ويون. انهيءَ ملڪ ۾ نااهلن جو هڪ وڏو تعداد پيدا ڪيو. اها پڻ سنڌ جي نوجوانن کي سياسي رشوت ڏني وئي ته جيئن هوء وڏيرن ۽ سياستدانن جا ڳيجهو بنجي وڃن. هاڻي ته انهيءَ سلسلي جي تازي واردات شهرن ۾ منشيات جي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ آهي. انهيءَ سان اسٽيبلشميٽ کي ٻه فائدا آهن؛ هڪ ته غيرقانوني ڪاروبار ذريعي ملڪيت ٺاهيندڙ هر وقت سرڪار جا ڳيجهو رهندا ۽ ٻيو عام ماڻهو نشي جي بري عادت ۾ ڦاسي سماجي براين جو سبب بڻبو ۽ سوچڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي ويندو۔ ائين قومي تحريڪ کي هڪ ٻيو جهٽڪو ڏنو پيو وڃي. انهيءَ منشيات جي ڪاروبار ۾ ڪو به غير ملڪي سرمائيدار يا ڪو به غير ملڪ شامل نه آهي، پر اهو ڪاروبار مقامي سطح تي شروع ٿيو ۽ سرڪاري ڪامورن جي آشيرواد سان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. انسانن طرفان نشو يا منشيات جو استعمال تمام پراڻو آهي. مثال طور اسلام ۽ ٻين مذهبن ۾ نشو حرام قرار ڏنو ويو آهي۔ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته ان وقت پڻ ماڻهو نشو ڪندا هئا. اسان وٽ سنڌ ۾ خاص ڪري ڀنگ، چرس ۽ شراب جو واهپو رهيو، جيڪو پڻ هڪ مخصوص حلقي يا طبقي تائين محدود هو. سماج ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا سٺي راءِ نه رهي آهي. هن وقت ته صورتحال اها ٿي وئي آهي، جو ڀنگ، چرس ۽ شراب کان علاوه ٺرو (ڪچو شراب) هيروئن، ڪوڪين، آئيس، گٽڪو، مائو، پان پراگ ۽ ٻيون ڪافي عجيب و غريب نالن سان نشي واريون پڙيون هر شهر جي هر گهٽيءَ ۾ وڪامي رهيون آهن. انهن ۾ اڪثر نشيدار شيون ٻاهران اچن پيون، جن مان ڪجهه نشيدار پڙين تي انڊيا لکيل هوندو آهي. اها هڪ تعجب خيز ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ايترا سارا سرڪاري جاسوسي ادارا هئڻ باوجود ملڪ ۾ غيرقانوني طور هٿيار ۽ منشيات ۽ ايراني تيل ڪيئن ٿو پهچي؟
اڄوڪي ويهڪ ۾ لاڙ جي ٺٽي ۽ سجاول ضلعي ۾ منشيات فروشن جي حوالي سان ڪجهه جهلڪيون پڙهندڙن اڳيان رکڻ چاهيندس. ڪجهه عرصو پهرين پوليس هڪ منشيات جي اڏي تي ڇاپو هنيو ته پوليس سان جهيڙو ٿي پيو، پوليس کي آخر پوئتي هٽڻو پيو ۽ پوءِ وري ضلعي انتظاميا رينجرس جي ذريعي ان اڏي تي ڇاپو هنيو. اهو اڏو اڄ به پنهنجي پوري آب و تاب سان جاري آهي ۽ ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت تي ٺٺوليون ڪري رهيو آهي. هڪ ٻي منشيات فروش کان سندس گاڏيءَ جو هڪ نجي ايميولينس سان ٽڪر ٿي پيو. انهيءَ واقعي جي جاچ لاءِ جڏهن پوليس موقعي تي پهتي ته منشيات فروش پوليس تي فائرنگ ڪري هڪ پوليس واري ۽ هڪ عام شهري کي زخمي ڪري جاءِ واردات تان فرار ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ پوليس پنهنجي ڪارروائي ڪري ان منشيات فروش خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ ان ۾ دهشتگرديءَ جا قلم پڻ شامل ڪيا۔ اهو ڪيس پوليس اسٽيشن تائين محدود رهيو ۽ عدالت تائين نه پهتو. هڪ ٻي منشيات فروش لاءِ مشهور آهي ته جڏهن به پوليس هن کي گرفتار ڪندي آهي ته هو مزاحمت ڪرڻ جي بجاءِ پوليس سان گڏ هليو ويندو آهي. ٻي ڏينهن پوليس هن کي عدالت ذريعي جيل موڪلي ڇڏيندي آهي. هو جيل وڃڻ لاءِ پنهنجي گاڏي استعمال ڪندو آهي ۽ پوليس هن کي جيل تي پهچائي موٽي ايندي آهي ۽ هن جي ڪار اتي جيل جي ٻاهران بيٺي هوندي آھي، جيڪا هو وري هڪ ٻن ڏينهن ۾ ضمانت ٿي وڃڻ ڪري واپسي ۾ پاڻ هلائي ايندو آهي. ٺٽو ضلعو (۽ سجاول) جيڪو ڪنهن وقت ۾ نالي وارن دانشورن، سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، اهو هاڻي وري وڏين گاڏين ۽ وڏن گهرن ۾ رهندڙ منشيات فروشن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو۔ نئين دولت جا مالڪ گهڻو ڪري سڀني سياسي ماڻهن جي اوطاقن تي يا ساڻن گڏ گهمندي نظر ايندا آهن. ائين پڙهيل لکيل يا سياسي شعور رکندڙن جو مقامي سياست ۾ ڪو به ڪردار نه رهيو آهي. انهيءَ منشيات فروشي جي وڌندڙ ڪاروبار جي ڪري خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پرائمري تعليم پونئين پساهن ۾ آهي. جنهن به ملڪ يا علائقي جي پرائمري تعليم نه هئڻ جي برابر واري درجي تي پهچي وڃي ته ان علائقي يا ملڪ جو آڻندو نهايت ڀوانئتو ۽ خوفناڪ ٿيندو آهي. جيڪڏهن اسان اونداهي دور کان بچڻ چاهيون ٿا ته انهن منشيات فروشن جو رستو روڪڻو پوندو. جيڪڏهن وقت جي حڪومت اهو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ته ائين سمجهو ته اھو اسان جي مستقبل لاءِ موت جي پرواني تي صحي ڪرڻ جي برابر آهي.