| منشيات سٽيل ضلعي ٽنڊو محمد خان واسين جي ”منشيات کان پاڪ سنڌ“ جي سڏ کي ڀرپور موٽ |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ روزانه پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي شهري اتحاد، سول سوسائٽي جي طرفان ايڪتا جي قومي عيد جي ڏهاڙي جي جاڳرتا لاءِ شاندار ريلي ڪڍي وئي اسٽيشن روڊ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف چوڪن تان پيادل مارچ ڪندي هوشو چوڪ ، مهراڻ چوڪ ، الفتاح چوڪ ۽ ٻين چوڪن تي نوجوانن ايڪتا سان يڪجهتي طور قومي گيتن تي جهمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو ، ريلي شهر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري ورتي ، ان موقعي تي شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ، مير سرفراز ٽالپر ، زاهد ڪولاچي ، جمن ميرجت ، ايڊووڪيٽ منظر لغاري ، علي بخش سومرو ، آصف چانڊيو ، ڊاڪٽر لونگ چنا ، عبدالحفيظ سٺيو ، مارڪيٽ ڪميٽي جو وائيس چيئرمين شاهنواز ڪنڊرا ، غلام حسين سولنگي ، عباس ميرجت ، راجا چنا ، پير فيصل جان سرهندي ، رسول بخش ٽنگري ، ثناءُ الله ڀٽي ، سيمي راجپوت ، امتياز نوناري ، يوسف ملاح ، غلام محمد ڇلگري ، روشن کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ايڪتا جي ڏهاڙي کي روزانه پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سروراڻ علي قاضي اعلان ڪري قومي عيد کي جوش جذبي سان ملهائڻ لاءِ منشيات کان پاڪ سنڌ جي سلوگن کي ڏئي سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو آهي ، ، هنن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي منشيات جو عادي بڻائي نوجوانن نسل کي تباهي ڪناري طرف وڌايو ويو آهي ، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ منشيات کي هٿي وٺرائي وئي آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ اسان ايڪتا عيد جي موقعي تي آئي جي سنڌ سميت اعلى اختيارين کان فوري طور ٽنڊو محمد خان سميت سڄي سنڌ مان منشيات کي مڪمل طور تي بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، هنن چيو ته 7 ڊسمبر تي ايڪتا جي قومي عيد ملهائڻ لاءِ ڀرپور تقريبون منعقد ڪري مرڪزي ريلي ۾ شامل ٿي ايڪتا جي خوشيون ملهايون وينديون ، جنهن کان اڳ ثقافتي رنگن سان ملاکڙا ، مشاعرا ، سگهڙ ڪچهريون ، مچ ڪچهريون ، اسڪولن ڪاليجن ۾ ايڪتا جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون ، ايڪتا جي ڏهاڙي کي سڄي دنيا جيان ٽنڊو محمد خان ۾ به ڀرپور ثقافتي رنگن اجرڪ ٽوپي پٽڪن سان ملهايو ويندو ، ايڪتا جي جاڳرتا ريلي ۾ شامل نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون پاتيون ، ان کان اڳ هندو پنچائت ، سياسي سماجي تنظيمن طرفان مختلف هنڌن تي ايڪتا جاڳرتا ريلي مٿان گلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي ، جلسي ۾ لوڪ فنڪار جانب بلاولي ۽ ٻين قومي گيت ٻڌايا .