ڪراچي(نمائندن وٽان) ايڪتا جو ڏهاڙو اڄ منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. سموري سنڌ ۽ سرڪاري توڙي عوامي سطح تي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ، واهڻ، وسندي، شهر ۾ ريليون ڪڍي، جهمريون هڻي، قومي گيتن تي رقص ڪري تقرييون ڪيون وينديون جن ۾ ٻار جوان ٻڍا، مرد ۽ عورتون ڀرپور نموني شرڪت ڪنديون. مليل اطلاعن موجب سنڌ سميت سموري دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ايڪتا ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڇي. ان سلسلي۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ مرڪزي تقريب واءِ ايم سي اي روڊ تي ٿيندي ـ تقريب ۾ ناليوارا مختلف فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا، ملير پريس ڪلب تي اڄ صبح جي وقت ٿيندڙ پروگرام ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي شريڪ ٿيندو. ٽنڊو محمد خان جي ريلوي اسٽيشن کان شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي طرفان ايڪتا جي مرڪزي ريلي نڪرندي ـ جيڪا شھر جي مختلف علائقن کان ٿيندي پريس ڪلب پھچندي جتي ميوزيڪل شو ٿيندو جنھن ۾ مقامي قومي فنڪار پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا. جڏھن ته جسقم طرفان پراڻي بس اسٽاپ کان انساني زنجير ٺاھي ايڪتا جو اظھار ڪيو ويندو. مختلف برادري طرفان پڻ الڳ الڳ ايڪتا ريليون نڪرنديون جيڪي پريس ڪلب آڏو منعقد ميوزيڪل شو ۾ گڏ ٿينديون. ايس ٽي پي هاوس ٽنڊو محمد خان آڏو ايڪتا ميوزيڪل پروگرام پڻ رکيو ويو آهي جنهن م سنڌ جا قومي فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا. ٽنڊو غلام حيدر ايس ٽي پي طرفان ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي سڏ تي ٽنڊو غلام حيدر ريلي جو پروگرام رکيو ويو آهي. قاضي احمد ۾ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويندو. جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سميت ٻين قومپرست پارٽين جا اڳواڻ، ڪارڪن، شهري، واپاري، صحافي، وڪيل، شاگرد ۽ زندگي جي ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ريلين ۾ شرڪت ڪندا. مرڪزي ريلي انسان دوست ويلفيئر آرگنائزيشن جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ حفيظ الرحمان جوڻو، پير خالد، پير عنايت ڪائرڻي آف ڏيڙان، ڪامريڊ رابعه ڏاھري جي اڳواڻي ۾ نڪرندي. دولتپور صفن ۾ اڄ 7 ڊسمبر تي صبح جو ڪٽپر پيٽرول پمپ کان ۽ شام جو سرمد سٽيء کان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان جيئي سنڌ قومي محاذ جسقم دولتپور صفن جي قومي ڪارڪنن فقير حڪيم لاکو ، پنھل کوکر ۽ جسقم بشير خان قريشي جي گروپ پاران الڳ الڳ ايڪتا ريليون ڪڍيون وينديون ريلين ۾ ھاري ناري مزدور ، سياسي سماجي اڳواڻن وڪيل برادري سميت ھر مڪتب فڪر سان سلهاڙيل ماڻھو ۽ فنڪار ڀر پور شرڪت ڪندا. ٻانڌي ۾ جسقم ايس ٽي پي ايس يو پي پاران گڏيل ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي جيڪا نيشنل پريس ڪلب ٻانڌي اڳيان پھچندي جتي مکيا تقريب ٿيندي. دوڙ شھر ۾ اڄ ثقافتي ڏينهن تي ايس ٽي پي ۽ جسقم بشير خان پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍيون پيون وڃن ايس ٽي پي جي ريلي ظفر بروهي جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند هائوس کان پريس ڪلب تائين ڪڍي ويندي. مٽياري ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مٽياري ۾ مک تقريبون پريس ڪلب آڏو ٿينديون، جنهن ۾ مختلف هنڌن تان نڪرندڙ ريليون شرڪت ڪنديون، جڏهن ته سياسي سماجي، قومپرست پارٽين جو ريليون پڻ اتي پهچندو، جتي پريس ڪلب پاران آجياڻي لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي. کورواھ ۾ پريس ڪلب کورواھ پاران هڪ ريلي پريس ڪلب کان شهر جي مين چوڪ تائين ڪڍي ويندي جنهن ۾ جي يو آء ايس ٽي پي جسقم عوامي تحريڪ سميت مختلف تنظيمن جا ڪارڪن ۽ شهري شرڪت ڪندا. نئون دمبالو ۾ ايس ٽي پي ۽ جي ڊي اي پاران گڏيل ريلي ڪڍي ويندي جيڪا پريس ڪلب نئون دمبالو تي پھچندي جتي اڳواڻ تقريب ڪندا. ترائي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙو “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ شاندار نموني ملهايو ويندو. هن سلسلي ۾ ريلي گورنمنٽ هائي اسڪول کان شروعات ڪندي، شهر جي مختلف رستن مان گذرندي. ٺٽي ۾ ايڪتا جي مک ريلي 11 ھين وڳي (اڄ) پريس ڪلب ٺٽو کان نڪرندي ريلي ۾ مختلف سياسي ۽ قومپررست تنظيمن جا اڳواڻ توڙي شھري ۽ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شريڪ ھوندا ريلي مڪلي پھچندي. جنگشاهي ۾ منشيات کان پاڪ سنڌ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان شهر کان مين بس اسٽاپ کان ٿي جنگشاهي پريس ڪلب تائين شاندار ريلي ڪڍي ويندي. اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر واحد سومرو، نامياري سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر اسماعيل پليجو ۽ سينئر شخصيت عبدالقادر شيخ قادر بخش پيراڻي خاص مهمان هوندا. ٻھارا ۾ عوامي تحريڪ ايس ٽي پي استاد شاگردن صحافين طرفان ٽائيم نيوز پنھنجي اخبار جي سڏ تي ٻھارا شھر ۾ ريلي ڪڊي پروگرام رکيو ويو آھي. خيرپور ۾ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار طرفان سڀاڻي 7 ڊسمبر تي منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مرڪزي ريلي خاڪي شاھ پل کان نڪرندي جيڪا سي آءِ ڊي موڙ، ڦول باغ چوڪ، پنجگلا چوڪ کان ٿيندي ڇٽي چوڪ وٽ پهچندي جتي ريلي ۾ شامل اڳواڻ خطاب ڪندا ۽ فنڪارن طرفان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ويندو. ريلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سميت ٻين قومپرست پارٽين جا اڳواڻ، ڪارڪن، شهري، واپاري، صحافي، وڪيل، شاگرد ۽ زندگي جي ٻين مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ ايڪتا جو ثبوت ڏيندي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪندا. گمبٽ ۾ پ پ، ايس ٽي پي، جسقم، ايس يو پي سميت سياسي سماجي تنظيمن جه اڳواڻ شرڪت ڪندا. ڀنگو بهڻ ۾ سڀاڻي ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۔ جي ڊي اي اڳواڻ حق نواز ڀنگو ضلع ميمبر ۔ يوسي چيئرمين ۔ شمس الدين شر ۔ ۽ پ پ پ اڳواڻن سميت ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪندا ريلي امين پاتو کان ڀنگو بهڻ ۽ جيئي سنڌ جي شهيد ساٿي عمران جي مزار کان پوء ڀنگو بهڻ چونڪ کان پڪاچانگ ويندي. ھنڱورجا ۾ پريس ڪلب ھنڱورجا طرفان سڀاڻي نڪرندڙ ريلي ۾ ھنڱورجا جا سماجي اڳواڻ قوم پرست اڳواڻ ۽ شھري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. بوزدار وڏا ۾ پريس ڪلب بوزدار وڏا ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ پريس ڪلب بوزدار وڏا کان ايڪتا ريلي جنهن جسقم شهيد بشير خان قريشي سول سوسائٽي تلي سول سوسائٽي بوزدار ۽ مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو شرڪت ڪندا. فيض گنج ۾َ جسقم ايس يوپي شهري اتحاد سول سوسائيٽي پاران ريلي ڪڍي ويندي ريلي ڪرونڊي روڊ تان نڪرندي جيڪا مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پڪاچانگ چوڪ وٽ پهچندي جتي ثقافتي تقريب ٿيندي. پريس ڪلب راڻيپور پاران منشيات کان پاڪ سنڌ ريلي ڪڍي ويندي جسقم ايس يوپي سنڌ ترقي پسند سماجي تنظيمون شرڪت ڪنديون پريس ڪلب راڻيپور آڏو تقريب منعقد ڪئي وئي آھي. گڏيجي، جهنڊو مشائخ کان ريليون نڪرنديون جيڪي درگاھ سچل سرمست تي پهچنديون جتي صوفي فنڪار صوفي ڪلام ڳائي سنڌ ڌرتي کي سلامي ڏيندا. سڳيون ۾ محمود چنا ٿاڻي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ صحافين سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهري شرڪت ڪندا. عمرڪوٽ ۾ مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي سياسي سماجي اڳواڻ وڪيل اديب فنڪار ۽ شاگرد شريڪ ٿيندا. نيوڇور ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ٿرپارڪر جو نوجوان، ليکڪ، محقق، شاعر ڀارومل امراڻي ۽ عمرڪوٽ جو ليکڪ، محقق ڊاڪٽر عبدالعزيز صاحب شريڪ ٿيندا. قمبر ۾ ايڪتا جي مکيه ريلي صبح جو يارهين بجي ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ڪڍي ويندي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڀٽو چوڪ تي پهچندي جتي جلسو ڪيو ويندو. ميروخان ۾ ايڪتا ڏينهن جون تياريون مڪمل آهن مرڪزي ريلي اڄ صبح جو 11 بجه ڀٽو پئٽرول پمپ کان عرضي ڀٽو چوڪ تائين ڪڍي ويندي. شهدادڪوٽ ۾ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار پاران سڀاڻي 7 ڊسمبر تي منشيات کان پاڪ سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو. ان ڏس ۾ مرڪزي ريلي سنڌ پريس ڪلب کان نڪرندي جيڪا الله والي چوڪ ۽ ڪلاسڪ بيڪري چوڪ کان کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچندي جتي ريلي ۾ شامل مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سميت صحافي اڳواڻ ايڪتا ريلي کي خطاب ڪندا. مدئجي ۾ مدئجي بچايو تحريڪ ۽ سول سوسائٽي۽ شھرين پاران علي بغش مست کان ريلي ڪڍي ويندي. ڪشمور ۾ اڄ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويندو سياسي سماجي تنظيمون صحافي، وڪيل، شهري علمدار چوڪ وٽ گڏ ٿيندا جتان ريلي نڪرندي مختلف ھنڌن کان ريلي ٿيندي پريس ڪلب ڪشمور پھچندي جتي مک تقريب ٿيندي. گڊو ۾ شھرين توڙي سياسي سماجي تنظيمن پاران جسقم ايس ٽي پي, ايس يو پي ۽ ملاح فورم پاران پريس ڪلب گڊو گڏ ٿي گڊو بئراج تائين گڏيل ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي جتي درياء بادشاھ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. بڊاڻي مين پرائمري اسڪول کان المرتضيٰ ڪانٽو تائين ريلي ڪڍي ويندي. ڪنڌرا شھر ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي جي سڏ تي ايڪتا جي سلسلي ۾ ھڪ عظيم شان جسقم پاران شاھي بازار کان پريس ڪلب ڪنڌرا تائين ريلي ڪڍي ويندي جنھن کي جسقم جا اڳواڻ خطاب ڪندا. سلطانپور ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ڀٽائي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شهري شرڪت ڪندا. اوٻاوڙو مان ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي سڏ تي منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار آفيس کان ريلي ڪڊي ويندي جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي اوٻاوڙو مک چوڪ تي پهچندي جتي سنڌي گيتن تي رقص ڪري ريلي ختم ڪئي ويندي. جروار ۾ مک ايڪتا تقريب مين چوڪ تي ٿيندي جنھن ۾ ايس ٽي پي، جسقم، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ شھري اتحاد پاران شھري شريڪ ٿيندا. رتيديري جي مختلف اسڪولن مان ايڪتا ريليون ڪڍيو وينديو جيڪي پريس ڪلب پهچنديون جڏھن ته جسقم طرفان شھيد بشير خان قريشي جي اوطاق کان هڪ وڏي ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي جيڪا شھر جي مختلف روڊن رستن تان گذرندي پريس ڪلب پهچندي بعد ۾ مک تقريب شھيد بشير خان قريشي جي مزار تي ٿيندي. باقراڻي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڌار ڌار ايڪتا ريليون ڪڍي وينديون جيڪي پريس ڪلب باقراڻي پهچي بعد ۾ لاڙڪاڻو خيرپور سنڌو دريا پل وينديون آهن. ميرپورخاص ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مک تقريب ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو ٿيندي جتي شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل ريليون پهچي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائيندا، جڏھن ته مک تقريب ۾ سنڌ جا مشهور گلوڪار پنهنجي فن جو پڻ مظاهرو ڪندا. نئون ڪوٽ جي ٻاويھ ميل موري کان پريس ڪلب تائين ڪلوئي نوجوان اتحاد پاران ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي. ٽنڊو جان محمد ۾ نوجوانن جي ماسات گروپ پاران اڄ 11 وڳي ڏيئي ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين ثقافتي ريلي ڪڍي ويندي. جيڪب آباد ۾ قومپرست توڙي سماجي تنظيمن سميت سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران مختلف هنڌن کان ڌار ڌار ريليون ڪڍي صبح جو 11 وڳي ڊي سي چوڪ تي پهچندا. ٽنڊوآدم ۾ ايڪتا جي ڏهاڙي تي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران محمدي چوڪ ۾ فيضان سومرو ۽ عمر ورياھ جي ميزباني هيٺ ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويندو۔ جڏهن ته قومپرست ۽ سياسي پارٽين سميت ٻھراڙي جي علائقن مان مختلف برادرين پاران ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهچنديون. ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي نئون آباد شهر جی شهرين وقار مهر ، جسقم ضلع اڳواڻ محمد علي کوسو، سماجي ورڪر امير علي راڄپر جي اڳواڻي ۾ راديڪا ڪاٽن فيڪٽري کان ايڪتا جي حوالي شاندار ريلي ڪڍي ويندي جيڪا شهر جي مختلف رستا کان ٿيندي پريس ڪلب پهچندي. ورڪشاپ شھر ۾ پريس ڪلب ورڪشاپ اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي جتي مختلف اسٽاپن کان ثقافتي ريليون پهچنديون جتي شهري ڪاميٽي اڳواڻ سميت هاري ناري پورهيت ۽ سياسي سماجي اڳواڻ تقريب کي خطاب ڪندا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويندو. نوشهرو فيروز پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي آهي جتي نوشهرو فيروز جون قومي تنظيمن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن سان سلهاڙيل ماڻهون ريلين جي صورت ۾ اچي تقريب ۾ شرڪت ڪندا جتي سنڌ جا مشهور فنڪار سنڌي قومي گيت پيش ڪندا. محرابپور ۾ ايڪتا ڏڻ جي حوالي سان صبح جو 10 وڳي هر سال وانگر هن سال به شهيد لالا فهيم ميمڻ چوڪ کان هڪ وڏي ريلي نڪرندي جيڪا سڄو ڏهاڙو شهر جو گشت ڪري واپس شام جو لالا فهيم چوڪ تي ختم ٿيندي، جڏهن ته ٻي وڏي تقريب شهر جي قاضي پاڙي ۾ صبح جو 11 وڳي رکي وئي آهي، جنهن راڳ رنگ جي محفل ٿيندي. ڪنڊيارو ۾ جسقم،آل پارٽيز الائنس ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن طرفان مرڪزي ريلي پراڻي ٽائون ڪميٽي کان نڪرندي جيڪا شھر جو گشت ڪرڻ بعد شھر جي مک اسٽار چوڪ تي پهچندي جتي نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويندو. نوان جتوئي شھر ۾ نيشنل پيپلزپارٽي، ايس ٽي پي، جسقم، ا سميت سياسي سماجي تنظيمن جه اڳواڻ شرڪت ڪندا. مٺياڻي ۾ پ پ پ جسقم ايس يو پي جساف ايس ٽي پي اين پي پي جون منشيات کان پاڪ سري هيٺ ريليون نڪرنديون جيڪي جي ايم سيد چونڪ کان ٿينديون سڄي شهر جو گشت ڪري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪنديون. ٿاڻو بولا خان ايڪتا ثقافتي ڏينھن تي پريس ڪلب پاران پريس ڪلب کان شھيد بينظير چوڪ تائين ريلي ڪڍي ويندي جنھن ۾ ڪوھستان جو مشھور راڳي ھريش ڪمار تارواڻي ، درشن لال قومي ، دلبر ڪوھستاني ،محفل موسيقي جو پروگرام رکيو ويو آهي. ڪوھستان جي ننڍن وڏن شھرن نوري آباد، ڪلوکوھر، دادا ڀائي، سري، مان جسقم ڪارڪنن ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين ڳوٺاڻن پاران مک ريلي نوري آباد صنعتي زون مان نڪرندي جيڪا پريس ڪلب نوري آباد پهچندي. دادو ۾ ايڪتا جي ڏينهن تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلين جا پروگرام رٿيل آهن، تمام ريليون دادو پريس ڪلب تائين پهچنديون، جڏهن ته هڪ تقريب قوم پرست تنظيم پاران ڊگري ڪاليج ۾ شام جو جشن لطيف نالي تقريب رکيل آهي جنهن ۾ جسقم مرڪزي قيادت جي آمد ٿيندي. ميھڙ ۾ 7 ڊسمبر تي سياسي سماجي تنظيمن شاگردن استادن پاران 50 کان وڌيڪ ريليون ڪڍي ٽائيم نيوز ، پنھنجي اخبار پاران ٻيٽو چوڪ کان نڪرندڙ مک ريلي ۾ شامل ٿينديون مک ريلي ٻيٽو چوڪ کان پنھنجي روايتي رستن کان ٿيندي گھنٽا گھر چوڪ وٽ تقريب ۾ شامل ٿينديون ۽ بعد م نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين مک ريلي ڪڍي ويندي.