منشيات کان پاڪ سنڌ جو نعرو مقبول ٿي ويو: دادو ۾ استادن شاگردن جي شاندار ريلي

منشيات کان پاڪ سنڌ جو نعرو مقبول ٿي ويو: دادو ۾ استادن شاگردن جي شاندار ريلي

دادو (رپورٽر) دادو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهجي اخبار جي اعلان جي آجيان گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول شمس العلوم ۾ منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ شاگردن ۽ استادن پاران هڪ شاندار ۽ منظم ريلي ڪڍي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگرد ۽ شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، استادن جي پڻ شرڪت رهي. اسڪول جي هيڊ ماستر محمد علي جلالي، استادن محمد وسيم کوکر،محمد هاشم چارڻ، شاهنواز شيخ،معشوق ابڙو ۽ ٻين چيو ته ريلي ۽ هي تقريب ٽيائيم نيوز ۽ پنهجي اخبار جي سڏ تي ڪڍڻ جو مقصد نوجوان نسل کي منشيات جهڙي موذي لعنت کان بچائڻ ۽ سنڌي سماج ۾ شعور اجاگر ڪرڻ هو ريلي دوران ٻارڙن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي مڪمل ثقافتي رنگ ۾ شرڪت ڪئي مختلف سنڌي گيتن تي رقص پڻ پيش ڪيو ويو، جڏهن  ته ٻارڙن طرفان سنڌ جي ثقافت بابت خوبصورت ٽيبلوز ڏيکاري شريڪ مهمانن کان داد حاصل ڪيو ان موقعي تي استادن پاران تقريب کي خطاب ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ منشيات جو وڌندڙ استعمال نوجوان نسل لاءِ وڏي تباهي جو سبب بڻجي رهيو آهي، تنهن ڪري والدين، استادن ۽ معاشري جي هر شعبي کي گڏجي هن مسئلي کي روڪڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. استادن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شاگردن کي ننڍپڻ کان ئي منشيات کان بچاءَ بابت شعور ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. تقريب دوران اسڪول انتظاميا ۽ شاگردن پاران ٽائيم نيوز ٽيم صحافي ڪامران ڪورائي، ديدار علي شيخ ۽ استادن کي سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ اجرڪ اوڍائي ڀليڪار ڪيو ويو، جنهن تي شرڪت ڪندڙن خوشي جو اظهار ڪيو پروگرام جي آخر ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن گڏجي 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور قومي جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو.