| ”منشيات کان پاڪ سنڌ“ جيڪب آباد ۾ اٺ گاڏي تي چڙهي شهر جو گشت، قومي گيتن تي رقص |
جيڪب آباد(رپورٽر) پنهنجي اخبار جي منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ قومي عيد جون تياريون زور شور سان جاري آهن پيپلزپارٽي ڪلچر ونگ پاران ڀاول ڀٽو ستار مغيري شان لاشاري امداد لاشاري بابر کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ شهرين قومي ويس اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اٺ گاڏي تي چڙهي شھر جو گشت ڪيو. ڪارڪنن ۽ شهرين قومي گيتن تي جهمريون هنيون. جڏهن ته ريلي ڊي سي چوڪ تي پهتي ته اتي محفل موسيقي جو بندوبست ڪيو ويو آهي جتي ناليواري فنڪار امداد لاشاري سر وکيريا ته شهري جهومي پيا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 7 ڊسمبر قومي عيد آهي ثقافتي عيد جون تياريون زور شور سان جاري آهن ڊسمبر جي پهرين ڏينهن تي ريلي ڪڍي وئي آهي جنهن ۾ شهرين ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا آهن هنن چيو ته سال ۾ هڪ ڀيرو ثقافتي عيد ملهائي سنڌ ڌرتي سان وفا جو وچن ڪندا آهيون ته سنڌ مان منشيات جو پاڙ پٽيو ويندو سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا ويندا هنن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ جو اسان مٿان قرض آهي ته اسين صوفين جي ڌرتي مان بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون جيئن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي هنن چيو ته 7 ڊسمبر تي قومي ويس پائي ريليون ڪڍيون وينديون جنهن لاءِ قومي ويس تيار ڪرايا ويا آهن هي اسان لاءِ ٽين عيد آهي جيڪو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو ان لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ به ويس وڳا تيار ڪرايا ويا آهن ڀرپور نموني سان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو