منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان جي آجيان ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ

منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان جي آجيان ڪريون ٿا: وڪيل اڳواڻ

ھڱورجا (ن پ ا) سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاھ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ صوفين جي سر زمين آھي سنڌ ھميشه امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار پاران بھترين سلوگن ڏنو ويو آهي، منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان جي آجيان ڪريون ٿا، هن چيو ته  ھن وقت ڪاليجن يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ منشيات عام ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جا نوجوان نسل منشيات جي ور چڙھي ويا آھن ۽ اسين منشيات کان پاڪ سنڌ ڏسڻ چاھيون ٿا، هن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي وقتائتو اعلان ڪيو آهي، ھن چيو ته اسين ساڃاهه وندن کي به اپيل ڪنداسين ته 7 ڊسمبر تي گھرن کان نڪرن ۽ پنھنجي قومي ثقافتي عيد ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھائين.