‘منشيات کان پاڪ سنڌ’

اسان جي سماج جو جيڪو نقشو اڄ سامهون اچي رهيو آهي، اها ڪا اوچتي يا اتفاقي تباهي نه آهي؛ اها سالن کان سرپرستي، لاپرواهي ۽ مفادن جي تضاد جو اهڙو نتيجو آهي، جنهن سنڌ جي سماجي، اخلاقي ۽ امن واري جوڙجڪ کي بنياد کان ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ منشيات جي منظم واپار ۽ رياستي ادارن جي سرپرستي ڪا نئين ڳالهه نه آهي. پر جيڪو فرق اڄ نظر اچي ٿو، اهو آهي ته هاڻي منشيّات فقط ٻھراڙيءَ يا شهرن جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين محدود نه آهي، پر اها وبا تعليمي ادارن جي اندر تائين پهچي چڪي آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جو منشيات ۾ مبتلا ٿيڻ، والدين، استادن ۽ سماج لاءِ ڪنھن خطري کان گهٽ ناهي. جڏهن هڪ معاشري جي نوجوان پيڙهيءَ تي اهڙي وبا حملو ڪري، تڏهن ان قوم جو مستقبل اونداھين ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. منشيات سنڌ جي وڏن مسئلن مان هڪ آهي. سنڌ سان به منظم نموني سان ائين ڪيو پيو وڃي، جيئن چينين کي آفيم جي جو زهر ڏيئي بي سُڌ ۽ بي حس ڪيو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو هر سال سڄي دنيا ۾ ملهائجندڙ ايڪتا ڏهاڙو هن ڀيري ‘منشيات کان پاڪ سنڌ’ جي عنوان سان ملهائجي رهيو آهي. 

منشيات جو وڌندڙ استعمال صرف سماجي برائي ناهي؛ اهو تباهيءَ جو اهڙو سبب بڻجي چڪو آهي، جيڪو انساني صحت لاءِ به موتمار آهي. ڪينسر سميت ڪيترين موذي بيمارين ۾ واڌ جو هڪ اهم سبب منشيات ۽ ان ۾ ڪيميڪلن جو استعمال آهي. ھاڃيڪار ڪيميڪل ملائي تيار ڪيل منشيات رت، جيري، ڦڦڙن ۽ دماغ کي نقصان پھچائي رهيون آهن. پر هن رخ تي ڪوبه ادارو سنجيدگي سان تحقيق ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، سنڌ ۾ سماجي تباھي جو ھڪ وڏو محرڪ سياسي سرپرستي پڻ بڻيو آھي. ڪيترن ئي علائقن ۾ منشيات جا اڏا نه فقط بااثر ماڻهن جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿا، پر هو انهن مان حصو وٺي سياسي طاقت کي مضبوط ڪرڻ جو ذريعو بڻائين ٿا. جڏهن منشيات ڪنهن علائقي جي معيشت جو حصو بڻجي وڃي، تڏهن اهو علائقو امن، تعليم ۽ ترقيءَ جي رستي تان ھٽي وڃي ٿو. نوجوان رياست جو مستقبل آهن ۽ ائين لڳي ٿو ته رياست خود پنهنجي ئي مستقبل کي زهر ڏئي رهي آهي.

پوليس موبائلن يا ايمبولينسن ذريعي منشيات جي سپلاءِ جون رپورٽون بار بار سامهون اچي چڪيون آهن. ڪيترن واقعن ۾ پوليس انتظاميا پاڻ تسليم ڪيو ته سندن آفيسر ۽ اھلڪار منشيات جي اسمگلنگ ۽ ورڇ ۾ ملوث رهيا آهن، بلڪه ڪيترائي ڀيرا ته باقاعدي لسٽون جاري ڪيون ويون. پر انهن اعترافن کان پوءِ به ڪوبه بنيادي سڌارو نظر نه اچي سگهيو آهي. ھتي اعتراف ته ڪيو ويندو آهي، پر عمل نٿو ڏسجي. ٻئي پاسي اينٽي نارڪوٽڪس فورس، جيڪا سڌي ريت هن وبا کي روڪڻ جي ذميوار آهي، غير مؤثر نظر اچي ٿي. ڪيسن جي تحقيقاتي خامين، عدالتن ۾ ثبوتن جي کوٽ ۽ وڏن جوابدارن تائين نه پهچڻ سبب اِها اداري جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي. جڏهن هڪ پورو رياستي نظام منشيات جي واپار خلاف متحد ۽ فعال نه هجي، تڏهن منشيات جا نيٽ ورڪ مضبوط ٿيندا، ڦهلجندا ۽ سماج کي تباھ ڪندا. اڄ جڏهن سنڌ ۾ نوجوان، پورهيت، ايتريقدر جو شاگرد منشيات جو آسان شڪار بڻجي رهيا آهن، عورتن ۽ ننڍي عمر جي ٻارڙن ۾ گٽڪي، مائي ۽ مين پڙي سميت مختلف نشي آور شين جو واهپو وڌي رهيو ھجي، تڏهن اهو خدشو وڌي ٿو ته هتي به سماجي شعور کي دٻائڻ ۽ مزاحمت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪا اهڙي ئي پاليسي ڀرپور طريقي سان ورجائي پئي وڃي.

اسان جو سماج هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي خاموشيءَ جو مطلب تباهيءَ کي دعوت ڏيڻ آهي. والدين، استادن، سماجي ڪارڪنن، ميڊيا ۽ باشعور شهرين کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن سماج منشيات خلاف اجتماعي مزاحمت نٿو ڪري، ته ڪا به حڪومت، ڪو به ادارو، ۽ ڪوبه قانون هن وبا کي روڪي نٿو سگهي. اسان سمجھون ٿا ته حقيقي تبديلي تڏهن ممڪن بڻجي سگهندي، جڏهن حڪومتي اختياريون صرف بيان ڏيڻ بدران نتيجا ڏيندڙ قدم کڻي. منشيات جي خلاف آپريشن رڳو ننڍن دڪاندارن ۽ مانڊڻين تائين محدود نه هجي، بلڪه وڏن واپارين، منشيات جي تياري ڪندڙ ڪارخانن، اسمگلرن ۽ سندن سرپرستن ۽ ادارن ۾ موجود گند کي به بي نقاب ڪري کين قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. تعليمي ادارن ۾ منشيّات خلاف خاص مانيٽرنگ سسٽم ۽ آگاهي مهم هلائي وڃي. سنڌ کي هڪ صحت مند، باشعور ۽ محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته منشيّات جي وبا خلاف جنگ حقيقي سنجيدگي سان وڙهي وڃي. جيڪڏهن ‘منشيات کان پاڪ سنڌ’ وارو مقصد حاصل نه ڪيو ويو ۽ غفلت ڪئي ويئي، ته ايندڙ پيڙهيون اسان کي معاف نه ڪنديون.