منشيات ڪيس: شرڌا ڪپور ۽ نورا فتحي کي ڪلين چٽ

منشيات ڪيس: شرڌا ڪپور ۽ نورا فتحي کي ڪلين چٽ

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪاره شرڌا ڪپور ۽ مشهور ڊانسر نورا فتحي کي 2022 جي منشيات ڪيس ۾ بري قرار ڏنو ويو آهي. ممبئي پوليس تحقيقات مڪمل ٿيڻ کانپوءِ واضح ڪيو آهي ته ٻنهي سندرين  خلاف ڪو به پڪو ثبوت موجود ناهي. پوليس موجب تفصيلي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته شرڌا ڪپور ۽ نورا فتحي جو منشيات نيٽ ورڪ سان ڪو به تعلق ثابت نه ٿي سگهيو. جنهن کانپوءِ کين ڪلين چٽ ڏني وئي. هي معاملو آگسٽ 2022 ۾ ان وقت سامهون آيو هو، جڏهن ممبئي ڪرائيم برانچ ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سيل منشيات فروش سليم سهيل شيخ کي گرفتار ڪري هڪ لک 19 هزار رپين جي ميفيڊرون هٿ ڪئي هئي.