منظم ڏوهه روڪڻ لاءِ وڌيڪ عدالتون ضروري آهن: جسٽس گل حسن

منظم ڏوهه روڪڻ لاءِ وڌيڪ عدالتون ضروري آهن: جسٽس گل حسن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ يو اين او ڊي سي جي گڏيل ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته منظم ڏوھ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار، مضبوط قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اضافي عدالتن جو قيام ضروري آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي پيشوارنه صلاحيت وڌائڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي، جڏهن ته سائبر ڪرائيم، فرانزڪ، مالي فراڊ ۽ جديد انوسٽيگيشن ۾ خاص تربيت وقت جي ضرورت آهي. ڪانفرنس ۾ نيب، يو اين او ڊي سي، اينٽي مني لانڊرنگ ۽ نيشنل پوليس بيورو جي ماهرن خطاب ڪيو. شرڪائن بين الادارہ رابطن، مضبوط جاچ ۽ مؤثر عدالتي ردعمل تي اتفاق ڪندي پاڪستان ۾ منظم ڏوهن خلاف موثر ۽ ذميوار قومي حڪمت عملي جوڙڻ تي زور ڏنو.