منظور قادر ڪاڪا کي وري ضمانت نه ملي: دليلن لاءِ 9 آگسٽ تائين مهلت

آگسٽ 4, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن عدالت منظور قادر ڪاڪا جي ضمانت واري درخواست تي دليلن لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

اسپيشل جج صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

منظور قادر ڪاڪا جي وڪيل دليل ڏيڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت کيس مهلت ڏيندي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 9 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ان کان اڳ اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج منظور قادر ڪاڪا جي عبوري ضمانت رد ڪندي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو ھو

گذريل ٻڌڻي تي اينٽي ڪرپشن پوليس منظور قادر ڪاڪا ۽ مختيار ڪار خير محمد ڏاهري کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو ھو، منظور قادر ڪاڪا تي نسلا ٽاور جي زمين جو نقشو غير قانوني طور پاس ڪرائڻ جو الزام هو

Leave A Comment