ڪمون شهيد (ن پ ا) تعلي ايجوڪيشن آفيسر اوٻاوڙو جي بدلي مقرري تي پ پ سينيٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر ايم پي اي سردار شهريار خان شر آمهون سامهون ٿي ويا آهن
ڄام مهتاب حسين ڏهر پاران مقرر ڪرايل تعلقي ايجوڪيشن آفيسر عبدالعزيز چاچڙ کي بدلي ڪرائي سندس جاءِ تي ڪشمور ضلعي سان واسطو رکندڙ عبدالحسن جکراڻي مقرر ڪرايو ويو
اهڙي مقرري بعد ڄام مهتاب ڏهر ٻيهر عبدالعزيز چاچڙ کي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر اوٻاوڙو مقرر ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن بعد ٻنهي اڳواڻن ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن
واضح رهي ته پ پ سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر ۽ تحريڪ انصاف کان پ پ ۾ شموليت ڪندڙ ايم پي اي سردار شهريار خان شر ۾ آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين تان اختلاف هلندڙن آهن
هوڏانهن سماجي تنظيمن، علمي ايمبيسيڊر جي شعيب سمون وسيم پنهوار، قمر زمان ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي سان ھٿ چراند ۽ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي.