| منهنجا هڪ مهيني ۾ 6 اي چالان ٿيا آهن: صنم جنگ |
ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري ميزبان ۽ اداڪاره صنم جنگ چيو آهي ته پاڪستان اچڻ جي هڪ مهيني دوران مون تي 6 ڀيرا ڊرائيونگ جو ڏنڊ لڳي چڪو آهي، مون تي اهڙين شين ڪري به ڏنڊ لڳو آهي، جيڪي مون ناهن ڪيون. انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڪراچي ۾ اي چالان سسٽم سبب پيش ايندڙ پنهنجي تجربن کي بيان ڪندي هن چيو ته هڪ مهيني ۾ 6 ڏنڊ پوڻ تي سندس والد به مٿس ناراض آهي.هن ٻڌايو ته پهريون ڏنڊ ڊرائيونگ دوران موبائل فون تي ڳالهائڻ سبب ٿيو، جنهن کي مون پنهنجي غلطي تسليم ڪيو. اداڪاره مطابق مٿس اهڙا ڏنڊ به مڙهيا ويا، جيڪي غلطيون مون ڪيون ئي نه هيون، جن ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ جو چالان به شامل آهي.صنم جنگ چيو ته هوءَ هميشه سيٽ بيلٽ ٻڌي گاڏي هلائيندي آهي، پرڏيهه ۾رهڻ سبب سندس اها مستقل عادت بڻجي چڪي آهي، هوءَ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ کانسواءِ گاڏي اسٽارٽ به ناهي ڪندي.