ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) آءِ جي سنڌ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن سان به ملاقات ڪئي، نينگر جئديپ جو والد آءِ جي سامهون روئي پيو
نينگر عظيم ميڻڪ، جگديش ڪمار، جئديپ ڪمار ۽ ٻين مغوين جي وارثن ايس پي آفيس ۾ آءِ جي سان ملاقات ڪئي، ان کان اڳ مغوين جي وارثن ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي
نينگر جئديپ ڪمار جو والد آءِ جي سان ملاقات دوران روئي ويٺو، مغوي نينگر جي والد چيو ته اسان پگهاردار ماڻهو 50 هزار تي گهر هلايو يا ڌاڙيلن کي ڀنگ ڏيون
آءِ جي سنڌ جي سامهون ايس ايس پي عرفان سمون مغوي نينگر جي والد کي چوندو رهيو ٿي ويندو ٿي ويندو، ايس ايس پي عرفان سمون نينگر ٻن ڏينهن اندر بازيابيءَ جي خاطري ڪرائي
ان کان اڳ مغوين جي وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي آءِ جي خلاف نعريبازي به ڪئي