بيروت (م ڊ) ڏکڻ لبنان جي هڪ ڳوٺ ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ مارجي ويل هڪ 11 سالن جي ڇوڪر ۽ سندس چاچي جي لاشن کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جمعي تي اسرائيلي حملي ۾ سندن گهر کي نشانو بڻائڻ تي 41 سالن جو جواد يونس ۽ راغب يونس شهيد ٿيا جواد ۽ راغب جي جنازي لاءِ سوين ماڻهو شهر جي مرڪز سڪسڪيه ۾ گڏ ٿيا. بي بي سي سان ڳالهائيندي جواد جي ماءُ چيو ته منهنجو پٽ معصوم ۽ پاڪ آهي. هن کي شهادت پسند هئي ۽ هن وڏو ٿي مزاحمت ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ٿي هو دشمن اسرائيل سان وڙهڻ چاهيندو هو جنهن هن کي ماريو.