منهنجي جان کي خطرو آهي، 10 هزار ڪارڪن حراست ۾ ورتا ويا آهن: عمران

مَي 22, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي ، پي ٽي آءِ جا 10 هزار ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن

امريڪي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته گرفتاري تي آيل رد عمل کي پارٽي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، منهنجي جان کي اڃا به خطرو آهي، مخالفن کي خبر آهي ته گرفتار ڪرڻ کانپوءِ به چونڊن ۾ شڪست نٿا ڏئي سگهن،

 عمران خان چيو ته عورتن ۽ سينيئر قيادت سميت 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن، مضبوط فوج پاڪستان لاءِ ضروري آهي، پر اڄ تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته رٽائرڊ جنرل باوجوا کي مونسان ڪهڙو مسئلو هو جو هُن پي ٽي آءِ جي حڪومت ئي ختم ڪري ڇڏي

Leave A Comment