منهنجي حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ آهي، ايئربيس لاءِ ٻيٽ نه ڏيڻ منهنجو ڏوهه بڻجي ويو: حسينه واجد

آگسٽ 12, 2024

ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي هٽايل وزيراعظم شيخ حسينه واجد چيو آهي ته منهنجي حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب شاگردن جي احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ استعيفا ڏئي ڀارت ۾ پناهه وٺندڙ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جو پهريون بيان سامهون اچي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد پنهنجي 15 سالن جي اقتدار جي خاتمي جو ذميوار آمريڪا کي ڏيندي چيو آهي ته ايئربيس قائم ڪرڻ لاءِ سينٽ مارٽن ٻيٽ آمريڪا کي نه ڏيڻ منهنجو ڏوهه بنايو ويو. هن چيو ته آمريڪا نار بنگال تي قبضو قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سينٽ مارٽن جي ٻيٽ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.  اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد چيو ته جيڪڏهن مان استعيفا نه ڏيان ها ته مون کي لاشن جو جلوس ڏسڻو پوي ها، انهن لاشن تي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي پر مان ان جي اجازت نه ڏني.  هن چيو ته آئون اقتدار ۾ رهي ٿي سگھيس جيڪڏهن ٻيٽ تي خودمختياري ڇڏي ڏيان ها ۽ آمريڪا کي نار بنگال تي قبضو ڪرڻ ڏئي ڇڏيان ها. هن چيو ته پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ ماريا پيا وڃن ۽ ڪارڪنن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، اهو سڀ ٻڌي مون کي ڏک ٿيو آهي. آئون جلد وطن واپس اينديس، آئون ملڪ ۾ روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيان، جنهن لاءِ منهنجي والد ۽ خاندان جانيون ڏنيون. شيخ حسينه واجد پنهنجي ملڪ جي رهواسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته شدت پسندن جي ڳالهين ۾ نه اچو. شاگردن کي چوڻ چاهيان ٿي ته مون ڪڏهن ”رضاڪار“ نه چيو آهي پر منهنجي لفظن کي غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو. اهو بيان اصل ۾ شيخ حسينه واجد جي استعيفا ڏيڻ کان اڳ قوم کي ڪيل تقرير تي ٻڌل هو جيڪا کيس ڪرڻ نه ڏني وئي ڇو ته مڇريل مظاهرين سندس گهر آڏو پهچي ويا هئا جنهن کان پوءِ ملڪ جي سيڪيورٽي آفيسرن وزيراعظم کي جلد کان جلد اتان کان نڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. پر هاڻ ڀارت ۾ شيخ حسينه واجد ڪجهه ماڻهن سان پنهنجي نه ٿيندڙ تقرير جي ڪجهه لفظن تي ڳالهيون ڪيون جيڪي ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي پنهنجي رپورٽ ۾ شايع ڪيون.

Leave A Comment