منهنجي زال اداڪاري کان روڪيندي هئي: همايون سعيد

منهنجي زال اداڪاري کان روڪيندي هئي: همايون سعيد

لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار همايون سعيد انڪشاف ڪيو آهي ته سندس زال شروعات ۾ کيس اداڪاري ڪرڻ کان روڪيندي هئي. تازي انٽرويو ۾ پنهنجي شوبز ڪيريئر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي زال ثمينه منهنجي اداڪاري واري ڪيريئر کان خوش نه هئي، اها مون کي اداڪاري کان روڪيندي هئي،  هو ڪڏهن مون کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ زور ڏيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ. همايون سعيد چيو ته ثمينه مون کي اداڪارائن سان هٿ ملائڻ کان به منع ڪندي هئي، فلمي سيٽ تي به مون سان گڏ هوندي هئي. هن چيو ته مون تمام سٺين اداڪارائن سان ڪم ڪيو، اداڪارائن ۽ مرينا خان سميت ٻين ڊائريڪٽرن سان ملڻ کانپوءِ، ثمينه جا خيال بدلجي ويا، زال سمجهي وئي ته انڊسٽري ۾ تمام سٺا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن.