منهنجي مڙس کي عبدالبصير قتل ڪيو آهي: زخمي ڪبيران پروين

جُولاءِ 9, 2023

مورو(ن پ ا) مورو شهر جي گچيرو روڊ تي ملڪيت جي معاملي تي ڀائرن ۾ ٿيل تڪرار دوران قتل ٿيل شعيب ڀٽو جي زخمي گهر واري ڪبيران پروين پي ايم سي اسپتال نوابشاهه ۾ ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي

 ته منهنجي مڙس شعيب ڀٽو کي عبدالبصير سيٺار بي گناهه پنهنجي معصوم ٻارن اڳيان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار ممتاز ڀٽو مون کي ۽ منهنجي پٽ 12 سالن جي ياسر ڀٽو کي پڻ گوليون هڻي زخمي ڪيو آھي

 جنهن سبب اسان هن وقت نوابشاهه اسپتال ۾ داخل آهيون. هن چيو ته اسان ٽن ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو آھي جنھن تي جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ هراسان ڪري رهيا آهن. معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave A Comment