”منهنجي نه ٿي هلي“ نوشهري ۾ ميونسپل چيئرمين استعفيٰ ڏئي ڇڏي

سيپٽمبر 18, 2023

نوشهروفيروز (رپورٽ: زاھد راڄپر) چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز پير قربان علي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آھي

 ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي سندس چوڻ ھو ته شهر ۾ گندگي اکين سان ڏسان پيو، سسٽم اهڙو ناڪارا ۽ مُدي خارج آھي جو ڪرسيءَ تي ويهي به شهر لاءِ ڪجھه نه پئي ڪري سگهيس!

سندس چوڻ هو ته ڪوبه اختيار نه هو، انهيءَ ڪري بهتر سمجهيم ته اهڙو عهدو نه رکان، جنهن ۾ وس نه هلي ۽ شهر جي خدمت ڪري نه سگهان

Leave A Comment