منهنجي والدين جهڙا ماڻهو برطانيا نه اچن: اڳوڻو برطانوي ناڻي وزير ساجد جاويد

لنڊن (م ڊ) برطانوي اڳوڻي ناڻي واري وزير  ۽ اڳوڻي چانسلر ساجد جاويد جو چوڻ آهي ته منهنجي والدين جهڙا ماڻهو برطانيا نه اچن، سندس جي اهڙي بيان نئون تڪرار پيدا ڪري وڌو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده قانون تحت پنهنجي غيرهنرمند والد يا انگريزي نه ڳالهائيندڙ والده کي به برطانيا  ۾ رهڻ جي اجازت  نه ڏيندس، برطانوي رسالي سنڊي ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن پنهنجي زندگي جي سفر جو احوال بيان ڪريو، جنهن ۾ غربت، گهريلو تشدد  ۽ نسل پرستي کان وٺي ڪروڙ پتي بينڪر بڻيو، ناڻي واري وزير ٿيڻ کانپوءِ گهرو وزير پڻ  ٿيو، سياسي طور تي ساجد جاويد بريگزٽ کانپوءِ پوائنٽس جي بنياد تي اميگريشن پاليسي جو حامي رهيو آهي سندس  چوڻ هو ته برطانيا غير هنرمند پرڏيهين کي ملڪ جي اندر تمام گهڻو اچڻ ڏئي ٿو جيڪو نه ٿيڻ گهرجي.
 

پوليس آفيسر قتل ڪيس جي مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس آفيسر قتل ڪيس ۾ مک جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ علي اڪبر قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانتن بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي جج طاهر عباس سپرا ڪئي. سرڪار طرفان وڪيل راجا نويد حسين دليل ڏيندي عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار وقار جي سڃاڻپ مدعي پاران شناخت پريڊ دوران ڪئي وئي، جاچ دوران جوابدار وقار وٽان مقتول جو سروس ڪارڊ پڻ برآمد ٿيو آهي، عدالت دليلن کان پوءِ جوابدار وقار جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته شريڪ جوابدار محمد علي جي ضمانت 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.