| منهنجي وڊيو کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي: شاهد آفريدي |
لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي رد عمل سامهون آيو آهي. شاهد آفريدي ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته ڪجهه شرپسند عنصر منهنجي پراڻي وڊيو شيئر ڪري غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته مان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو دفاع ڪري رهيو آهيان. اڳوڻي ڪپتان چيو ته حقيقت اها آهي ته هي وڊيو تازي واڌ کان اڳ ٺاهي وئي هئي. اهو صرف توانائي جي بچت ۽ گھٽ استعمال بابت هڪ آگاهي وڊيو هئي، جيڪا اطلاعات جي وزارت جي درخواست تي تيار ڪئي وئي هئي.
شاهد آفريدي چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافو غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو، پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جو دفاع ڪنهن به صورت ۾ نٿو ڪري سگهجي.